امدادي سرگرمين ۾ مصروف ڪي پي حڪومت جو هيلي ڪاپٽر ڪِري تباهه، ٻن پائليٽن سميت 5 ڄڻا شهيد

Spread the love

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا ۾ ۾ امدادي سرگرمين ۾ مصروف صوبائي حڪومت جو هيليڪاپٽر ڪِري تباهه ٿي ويو، جنهن نتيجي ۾ ٻن پائليٽن سميت 5 ڄڻا شهيد ٿي ويا.
خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور تصديق ڪندي ٻڌايو ته هيلي ڪاپٽر باجوڙ ۾ امدادي سامان پهچائڻ لاءِ موڪليو ويو هو جيڪو خراب موسم سبب ڪريش ٿيو، حادثي ۾ 2 پائليٽن سميت عملي جا پنج ماڻهو شهيد ٿيا.
وڏي وزير موجب، ته خراب موسم خيبرپختونخوا جي وڏي وزير اعلي امين گنڊاپور جو چوڻ آهي ايم آءِ 17 هيليڪاپٽر سان رابطو ڪٽجي ويو هو، علائقي ۾ فوري طور امدادي ٽيمون موڪليون ويون، جڏهن ته صوبائي حڪومت جو ٻيو هيليڪاپٽر بونير ضلعي ۾ ريسڪيو آپريشن ۾ مصروف آهي.
چيف سيڪريٽري شهاب علي شاهه موجب، هيليڪاپٽر باجوڙ ۾ امدادي سرگرمين لاءِ وڃي رهيو هو.
ريسڪيو اهلڪار موجب، خيبرپختونخوا جي باجوڙ ضلعي جي تعلقي سالارزئي جي علائقي جبراڙئي ۾ ڪالهه رات آيل ٻوڏ وهڪري سبب ڪيترائي گهر تباهه ٿي ويا، روڊ، رستا ۽ پلون پاڻيءَ ۾ لڙهي ويون آهن.
مقامي اختيارين موجب، باجوڙ ۾ مختلف حادثن ۾ هنيئر تائين 21 ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ست ڄڻا اڃا تائين گم آهن، جن جي ڳولا جاري آهي.

آگسٽ 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو