آزاد ڪشمير: نيلم وادي ۾ڦاٿل 550 سياحن کي ريسڪيو ڪيو ويو، ٻين جي ڳولا لاءِ آپريشن جاري

مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي نيلم وادي ۾ 550 سياحن کي رتي گلي مان ريسڪيو ڪري محفوظ هنڌن تي پهچايو ويو، جڏهن ته 300 کان وڌيڪ اڃا ڦاٿل آهن.
نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) موجب، آزاد ڪشمير جي نيلم وادي جي سياحتي ماڳ رتي گلي مان 550 سياحن کي ريسڪيو ڪري مرڪزي شاهراهه تائين پهچايو ويو، جڏهن ته 300 کان وڌيڪ سياح اڃا ڦاٿل آهن.
واضح رهي ٿو ته مظفرآباد کان اٽڪل 80 ڪلوميٽر پري دواريان جو علائقو آهي، جتان سياح ٻه ڪلاڪ پنڌ ڪرڻ بعد ڪچي سڻڪ تان رتي گلي پهچن ٿا.
هي هڪ خوبصورت سياحتي ماڳ آهي، جنهن جو واحد رستو اِها ئيڪچي سڻڪ آهي ۽ ان کانسواءِ ٻيا رستا سفر لاءِ انتهائي ڏکيا سمجهيا ويندا آهن.
اسٽيٽ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر آپريشنز سعيد قريشي موجب، امدادي ٽيمن جو مسلسل آپريشن جاري آهي ۽ رات دوران ڪنهن به وقت آپريشن روڪيو نه ويو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته آپريشن دوران گهٽ ۾ گهٽ 550 سياحن کي محفوظ هنڌن تي پهچايو ويو آهي ۽ اهي پنهنجي گاڏين تائين پهچي چڪا آهن، جڏهن ته 300 کان وڌيڪ ماڻهو اڃا رتي گلي ۾ موجود آهن، جن کي ريسڪيو ڪرڻ جو عمل جاري آهي.