پاڪستان ۾ حقيقي آزادي سميت ٻيون جنگيون به وڙهڻيون آهن: علي امين گنڊاپور

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته صوبي جو عوام ڏهاڪن کان قربانيون ڏئي رهيو آهي پر هاڻ پائيدار امن جا خواهشمند آهيون، پاڪستان اندر ڪيتريون ئي جنگيون اڃا باقي آهن، جن ۾ حقيقي آزادي جي جنگ به شامل آحي.
آزادي ڏهاڙي جي حوالي سان جاري ڪيل پيغام ۾ علي امين گنڊاپور چيو ته قومي سطح تي اسان معرڪا حق ملهائي رهيا آهيون، پاڪ فوج ڀارت جو غرور خاڪ ۾ ملايو، پاڪستان بابت ڪنهن کي به غلط فهمي ۾ نه رهڻ گهرجي.
هن چيو ته ملڪ جي اندر دهشتگردي جي خاتمي، غربت کان ڇوٽڪاري ۽ انصاف جي فراهمي جهڙيون جنگيون جاري آهن، پاڪستان ۾ حقيقي آزادي سميت ڪيتريون ئي جنگيون وڙهڻ باقي آهي.