ٽن مهينن تائين حراست ۾ رکڻ جهڙو هر قانون پي ٽي آءِ خلاف ٺاهيو ويندو آهي: اسد قيصر

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد قيصر حڪومتي قدمن تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته اسان قائداعظم جي پاڪستان کي واپس وٺڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ 14 آگسٽ کي حقيقي آزادي جي ڏينهن طور ملهائينداسين.
قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته قائداعظم پنهنجي قوم کي جيڪو پاڪستان ڏنو، هي اهو پاڪستان ناهي، اسان 14 آگسٽ تي حقيقي آزادي لاءِ نڪرنداسين.
هن چيو ته اڄ نئون قانون ٺهي ويو آهي ته 3 مهينن تائين ڪنهن شخص کي حراست ۾ رکي سگهبو، جيڪو به قانون ٺهندو آهي پي ٽي آءِ خلاف استعمال ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويندو آهي، اسان ان قانون سازي جي مذمت ڪيون ٿا، پ پ اقتدار خاطر ڀٽو جو ڏنل قانون پنهنجي هٿن سان ختم ڪري ڇڏيو آهي.

آگسٽ 14, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو