ملڪ ۾ 18 نوان ڊيم ٺهي رهيا آهن: قومي اسيمبلي ۾ تفصيل پيش

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ ملڪ ۾ نون ڊيمن جي تعمير بابت تفصيل پيش ڪيا ويا.
آبي وسيلن بابت وفاقي وزير معين وٽو ٻڌايو ته 18 نون تعمير هيٺ ڊيمن تي ڪُل 1036 ارب رپيا خرچ ايندا، جيڪي وفاقي حڪومت برداشت ڪندي.
هن ٻڌايو ته تعمير کانپوءِ 18 نوان ڊيم 8231984 ايڪڙ فوٽ جي اسٽوريج جي صلاحيت پيدا ڪندا ۽ نون ڊيمن جي تعمير کانپوءِ 346447 ايڪڙ زمين پوکي لائق ٿيندي، ديامر ڀاشا ڊيم ۾ 64 لک ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت هوندي.
سندس چوڻ هو ته هن وقت صوبائي حڪومتون 77 ڊيمن جي منصوبن تي ڪم ڪري رهيون آهن، انهن تي ڪل 89.243 ارب رپيا لاڳت ايندي.
هن چيو ته وفاقي حڪومت هن وقت 10 وڌيڪ نون ڊيمن جي تعمير جي منصوبابندي ڪري رهي آهي، چنيوٽ، اسڪردو، وزيرآباد، ڍڍنيال، اکوڙي، سنڌ بيراج ڊيم جي منصوبابندي جاري آهي.