ڄامشورو لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ جشنِ آزادي ۽ “معرڪهٔ حق” جي حوالي سان پرچم ڪشائي، ٻوٽا لڳائڻ ۽ ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريب

ڄامشورو ( روپورٽ :محمد وارث )جشنِ آزادي ۽ “معرڪهٔ حق” جي حوالي سان ڄامشورو لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ پرچم ڪشائي، ٻوٽا لڳائڻ ۽ ڪيڪ ڪٽڻ جي شاندار تقريب ٿيڄامشورو لائيو اسٽاڪ کاتي پاران جشنِ آزادي ۽ “معرڪهٔ حق” جي سلسلي ۾ شاندار تقريب جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ پرچم ڪشائي،
ٻوٽا لڳائڻ ۽ جشنِ آزادي جو ڪيڪ ڪٽيو ويو، تقريب ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو ڊاڪٽر عدنان منير تنيو، ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽر ذوالفقار علي سيال سان گڏ لائيو اسٽاڪ آفيس ۾ قومي پرچم ڪشائي ڪئي، ان موقعي تي “پاڪستان زنده باد” ۽ “پاڪ فوج زنده باد” جا پرجوش نعرا بلند ڪيا ويا،
ان کان پوءِ آفيس جي احاطي ۾ ٻوٽا لڳايا ويا ۽ جشنِ آزادي جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو، اي ڊي سي ٽو ڊاڪٽر عدنان منير تنيو خطاب ڪندي چيو ته جشنِ آزادي ۽ “معرڪهٔ حق” جي عنوان سان تقريبن جو سلسلو پهرين آگسٽ کان جاري آهي،
تقريب ۾ مختيارڪار هيڊڪوارٽر نسيم تنيو، اڳوڻو ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اصغر علي ميمڻ، ويٽرنري ڊاڪٽر رياض چنا، ڊي سي آفيس جنرل برانچ رفيق خاصخيلي، ڊاڪٽر شاھنواز، ڊاڪٽر امجد راجپوت، ڊاڪٽر مظفر خشڪ، ليڊي ويٽرنري ڊاڪٽرن سميت لائيو اسٽاڪ کاتي جا عملدار پڻ موجود هئا،
آگسٽ 13, 2025