ڄامشورو حيسڪو واپڊا سب ڊويزن ۾ جشنِ آزادي جوش ۽ جذبي سان ملهائيو ويو، قومي جهنڊو لہرائڻ ۽ ريلي جو انعقاد

ڄاسشورو(رپورٽ: محمد وارث)ڄامشورو جشن آزادي تقريبون جوش جزبي سان جاري ڄامشورو حيسڪو واپڊا سب ڊويزن ڄامشورو۔ پاڪستان جي آزادي جي ڏھاڙي جي حوالي سان صبح ساڻ ئي ملازمن طرفان سب ڊويزن ۾ سڄي آفيس کي قومي جھنڊن ۽ بھترين لائٽنگ سان سنگاريو ويو ۽ مک گيٽ اڳيان ھر سال جيان ھڪ وڏو قومي چھنڊو ڦڙڪايو ويو ۽ جشن آزادي جي ڏھاڙي کي زبردست ڀيٽا پيش ڪندي قومي نغما لائوڊ اسپيڪر تي ھلايو ويا ۽ حيسڪو واپڊا مک عملدارن سپرٽينڊنگ انجنئير سرڪل لاڙ گلزار احمد دستي ايڪسين حيسڪو ڪوٽڙي اختيار احمد ميمڻ ايس ڊي او واپڊا طارق احمد ڏيپر اسرار احمد پٺاڻ مظفر قريشي چئيرمين آل پاڪستان واپڊا ھائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪر يونين ڄامشورو ۽ ٻين ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي مک گيٽ قومي جھنڊو لڳائي ملڪي سلامتي لاء دعا گھري وئي ۽ پاڪ فوج شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي بعد ۾ ريلي ڪڍئي وئي
آگسٽ 13, 2025