نوابشاهه گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول ۾ 14 آگسٽ جي حوالي سان شاندار تقريب، قومي جذبي جو اظهار

نوابشاھ ( رپورٽ: عبدالفتاح رند) گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول مھراڻ ڪالوني نوابشاھ ۾ 14 آگسٽ جي حوالي سان هڪ پروگرام منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ استادن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي شرڪت ڪئي ان موقعي تي اسڪول جي پرنسپال ميڊم نسرين ناز ڀٽي اسڪول جي استادن ۽ شاگردياڻين پاران پاڪستان جو جهنڊو بلند ڪيو ويو
۽ بعد ۾ شاگردياڻين تقريرون ڪيون ۽ پاڪستان جي ملي نغمن تي رقص ڪيو ۽ بنيان مرسوس جي حوالي سان ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا ويا ان موقعي تي پرنسپال نسرين ناز چيو ته 14 آگسٽ جو ڏينهن اسان هر سال عيد وانگر ملھائيندا آهيون ۽ ملھائيندا رهنداسين هن چيو ته اڄ جيڪو اسان هن اسڪول ۾ پروگرام رکيو آهي ان جو مقصد نئين نسل کي اهو ٻڌائڻ لاءِ آهي ته آزادي ڪيڏي وڏي نعمت آهي ۽ غلامي ڪيڏي وڏي گار آهي
ھن چيو ته اسان قائد اعظم محمد علي جناح ۽ ٻين ان وقت جي ليڊرن جا ٿورائتا آهيون جن اسان کي غلامي مان ڪڍي آزاد ملڪ ڏنو هاڻي اسان جو فرض آهي ته اسان پنهنجي ملڪ جي حفاظت ۽ ترقي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪيون ان موقعي تي پاڪستان زنده باد پاڪ فوج زنده آباد جا زوردار نعرا هنيا ويا
آگسٽ 13, 2025