موڊيز پاڪستان جي ريٽنگ بهتر ڪري ڇڏي، ڪريڊٽ آئوٽ لُڪ به ”مضبوط“ قرار

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) عالمي ريٽنگ ايجنسي موڊيز پاڪستان جي ريٽنگ بهتر ڪندي ”سي ڊبل اي ون“ ڪري ڇڏي.
موڊيز طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، پاڪستان جي مقامي ۽ غير ملڪي ڪرنسي جي ڪريڊٽ ريٽنگ پهرين سي ڊبل اي ٽو هئي، جنهن کي بهتر ڪري سي ڊبل اي ون ڪيو پيو وڃي.
پڌرائي موجب، پاڪستان جو ڪريڊٽ آئوٽ لُڪ به هاڪاري مان مستحڪم ڪيو ويو آهي.
موڊيز جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي بهتر پرڏيهي پوزيشن اپ گريڊ جو بنيادي سبب آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف پروگرام ۾ جاري سڌارن به ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
موڊيز موجب، اميد آهي ته پاڪستان جا مٽاسٽا ناڻي جا ذخيرا وڌندا رهندا، پر ملڪ کي اڃا به آفيشل پارنٽرن جي ضرورت رهندي.
واضح رهي ته ان کان اڳ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب هڪ تقريب ۾ چيو هو ته پاڪستان جي معيشت بهتري ڏانهن وڌي رهي آهي ۽ جلد هڪ عالمي ايجنسي پاڪستان جي ريٽنگ بهتر ڪرڻ جو اعلان ڪندي.