سيوهڻ آرمي ماڊل اسڪول ۾ “حق جي جنگ” جي عنوان سان جشنِ آزادي جو شاندار پروگرام

Spread the love

سيوھڻ( رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي)  سڄي ملڪ ۾ جشن آزادي ۽ معرڪہ حق جا پروگرام پھرين آگسٽ 2025 کان شروع لڳا پيا آھن، ان سلسلي ۾ ضلع ڄامشورو جي ننڍن وڏن شھرن سميت  سيوهڻ شريف ۾ جشن آزادي ۽ معرڪہ حق  جي پروگرامن جو سلسلو بہ جاري ۽ ساري آھي،

سيوھڻ  ۾ جشن آزادي ۽ معرڪہ حق پروگرام جي سلسلي ۾   آرمي ماڊل اسڪول اينڊ ڪاليج سيوهڻ ۾ ”حق جي جنگ“ جي عنوان سان شاندار پروگرام منعقد ڪيو ويو،

پروگرام  ۾ اسڪول جي ٻارڙن ۽ شاگردن پاڪستان جي آزادي جي حوالي سان خوبصورت ٽيبلوز پيش ڪيا ۽ وطن عزيز  پاڪستان جي تاريخ تي تقريرون پڻ ڪيون ۽ شرڪت ڪندڙن کان خوب داد وصول ڪيو، پروگرام ۾ اسڪول جي ٻارن جي والدين ۽ تعليم کاتي جي استادن ڀرپور شرڪت ڪئي.

آگسٽ 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو