سنڌ ڪلچرل فورم جو صنم ماروي سان ٿيندڙ بداخلاقي واري واقعي تي سخت احتجاج، احمد شاهه خلاف فوري ڪارروائي جو مطالبو

ملير(ذوالفقار علي نصيراڻي )سنڌ ڪلچرل فورم جي باني چيئرمين صادق لاکو،سينيئر وائيس چيئرمين محمد شريف جاکرو،وائيس چيئرمين لياقت علي سھتو، جنرل سيڪريٽري سارنگ ملاح ،جوائنٽ سيڪريٽري حاجي محمد صديق لاشاري, محمد عالم ڪيريو،
منور علي لانگاھ ،مورڙو ميربحر ،سڄڻ خان انڙ ۽ ٻين ڪراچي آرٽس ڪائونسل جي چيئرمين احمد شاھ پاران سنڌ جي بين الاقوامي شھرت رکندڙ ڪلاڪارہ صنم مارويء سان سکر ميوزيڪل ڪنسرٽ ۾ بداخلاقي ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ نندا ڪندي واقعي متعلق ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ جي موقف کي ٻاراڻو قرار ڏيندي چيو آهي
ته سنڌي عورت فنڪاره سان اڍنگو ۽ نفرت انگيز رويو رکندڙ ڪراچي آرٽس ڪائونسل جي چيئرمين احمد شاھ کي ڪائونسل تان ھٽائڻ بجاء وڏيرڪي انداز ۾ ٺاھ ڪرائڻ جي صلاح ڏيڻ صنم ماروي سميت سمورن سنڌي فنڪارن جي توھين سمجھون ٿا سنڌ ڪلچرل فورم جي قيادت سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ ثقافت کاتي جي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ کان پرزور لفظن ۾مطالبو ڪيو آهي
ته تعصب پرست احمد شاھ خلاف بنان دير ڪاروائي ڪري کيس ڪائونسل جي ذميوارين کان آجو قرار ڏنو وڃي ورنه احتجاج ڪيو ويندو
آگسٽ 13, 2025