سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ وارو سوال

Spread the love

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو نالو ٻڌندي ئي ڪيترن ئي نوجوانن جي ذهن ۾ اميدن جا ڏيئا ٻري پوندا هئا، ڇو ته اهو ادارو ميرٽ، شفافيت ۽ اهليت جي علامت سمجهيو ويندو هو، پر هاڻ اها تصوير  ابتي ڪئي وئي آهي ۽ جيڪو ادارو اميدن جو مرڪز هئڻ گهرجي ها، اهو مايوسين جو ڳڙهه بڻجي چڪو آهي. حيدرآباد ۾ سنڌ يونائيٽيڊ ٿنڪرس فورم جي ڪانفرنس ۾ قومي ۽ تعليمي اڳواڻن  ميرٽ جي لتاڙ خلاف ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن اسان اڃا به خاموش رهياسين ته هزارين پڙهيل لکيل نوجوانن جو مستقبل تباهه ٿي ويندو ۽ ادارن ۾ نااهل ماڻهو ڀرتي ٿيڻ سبب انهن جي تباهي يقيني بڻجي ويندي، جيڪو هڪ وڏو الميو ۽ ناقابل برداشت نقصان هوندو.

ان سلسلي ۾ سيد زين شاهه ڳالهائيندي چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ هر ڀيري بهتري بدران وڌيڪ خرابي ٿي رهي آهي، ميرٽ جي سري عام لتاڙ ۽ نوڪرين جا اگهه مقرر سڄي سنڌ ۾ ايجنٽ ڇڏيا ويا آهن، جيڪي نوڪرين لاءِ ماڻهن سان سوديبازي ڪن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته گذريل ٽن ڏهاڪن کان سنڌ کي نااهل حڪمران ملندا رهيا ۽ ساڳئي دور ۾ هڪ اهڙو ادارو به اسان کي مليو جيڪو شفافيت بدران بي ضابطي جو مثال بڻجي ويو. ميرٽ ختم ٿيڻ سان انصاف به دفن ٿي ويو ۽ جڏهن جزا ۽ سزا جو اصول مري وڃي، تڏهن تباهي يقيني بڻجي ويندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان جا نوجوان روزگار جي تلاش ۾ ملڪ ڇڏڻ تي مجبور آهن، ڇو ته هو ڏسن ٿا ته هتي ڪنهن جي محنت، علم ۽ قابليت کي اهميت نه ٿي ملي.

روشن ٻرڙي جو اهو موقف هو ته مستقبل ۾ سنڌ ۾ ڪو به پاڻي، تعليم يا زراعت جو ماهر نظر نه ايندو، جيڪا هڪ خطري جي گهنٽي آهي. جيڪڏهن نوڪريون پئسن عيوض وڪرو ٿينديون رهيون، ته نتيجو اهو نڪرندو جو اهم شعبن ۾ اهڙا ماڻهو ويهندا، جيڪي قابليت بدران ڪرپشن جي پيداوار هوندا. پوءِ نه فقط ادارن جي ڪارڪردگي ختم ٿيندي، پر سڄو سماج انهيءَ جو شڪار ٿيندو. هن جو اهو چوڻ به تلخ حقيقت آهي ته سواءِ مزاحمت جي ٻيو ڪو به رستو ناهي. سنڌ جي نوجوانن کي اٿڻو پوندو، پنهنجو آواز بلند ڪرڻو پوندو .ايڊووڪيٽ سجاد علي چانڊيي چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مڪمل طور تي ڪرپٽ بڻجي چڪو آهي، جتي ميرٽ تي لتاڙ گهڻي وقت کان جاري آهي.ٻين صوبن ۾ ڪميشن جي ساک برقرار آهي، پر سنڌ ۾ اهو ادارو بار بار تڪرارن ۾ ڦاسي ٿو، جيڪو انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهي ته مسئلو فردن جو ناهي، پر پوري نظام جو آهي.

پروفيسر يعقوب چانڊيي جو چوڻ هو ته جيڪي ٻار سالن تائين محنت ڪري تياري ڪن ٿا، محدود وسيلن باوجود علم حاصل ڪن ٿا، انهن سان اهڙي ناانصافي تمام زيادتي ۽ ظلم آهي. انهن نوجوانن جي وارثي ڪرڻ هاڻي اسان جي  ذميواري بڻجي وئي آهي. بدعنواني جي الزام هيٺ ڪميشن جي ميمبرن کي فارغ ڪري، سٺي شهرت وارن ماڻهن کي مقرر ڪرڻ سان ئي نوجوانن جي بيچيني ختم ڪرڻ ۽ سندن اعتماد کي بحال ڪرڻ  جو واحد رستو آهي.

امر آڪاش انڪشاف ڪندي چيو ته لکت ۾ 90 سيڪڙو نمبر وکڻندر اميدوارن کي انٽرويو ۾ 10 نمبر به نه ڏنا ويا، جيڪو انهيءَ بدنيتي جو ثبوت آهي. جيڪڏهن انٽرويو جي وڊيوز عام ڪيون وڃن ته شايد ڪيترن ئي ماڻهن جا چهرا بي نقاب ٿي وڃن. ساڳي ريت، پروفيسر سيد فرزند علي شاهه جو چوڻ هو ته تعليم کي تباهه ڪرڻ ڪنهن قوم کي برباد ڪرڻ جو آزمايل طريقو آهي ۽ سنڌ ان جو عملي مثال بڻجي وئي آهي.ڊاڪٽر صابر علي شاهه سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي هڪ ”گينگ“  قرار ڏيو، جيڪو جذباتي ردعمل ناهي، پر اها ڳالهه حقيقت  تي ٻڌل آهي. جڏهن گولڊ ميڊلسٽ نوجوانن کي فيل ڪيو وڃي ۽ پيسن وارن کي پاس، تڏهن اها رڳو ڪرپشن ناهي، پر  اميدوارن سان بدترين ويساهه گهاتي آهي. اهڙي صورتحال ۾ نوجوانن جو ذهني دٻاءُ وڌڻ ۽ مايوسي ۾ مبتلا ٿيڻ فطري عمل آهي. رمضان ٻرڙي پبلڪ سروس ڪيمشن جو تاريخي پسمنظر ياد ڏياريندي چيو ته جيڪو ادارو 1973 ۾ ميرٽ جي علامت طور قائم ٿيو هو، اهو اڄ پنهنجي اصل مقصد کان بلڪل پري ٿي ويو آهي.

اظهار سومري پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ڪميشن پاس ڪرڻ جو خواب هر پڙهيل لکيل نوجوان جي اکين ۾ هوندو آهي، پر پورو سسٽم ڪمپرومائيز ٿي چڪو آهي، جيڪڏهن هاڻي به ذميوار ڌريون پنهنجو ڪردار ادا نه ڪنديون ته ايندڙ نسل اسان کي هرگز معاف نه ڪندو. جيڪڏهن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي شفاف ۽ فعال ادارو نه بڻايو ويو، ته اهو رڳو نوجوانن جو نقصان نه هوندو، پر سڄي سنڌ جو هوندو. ڇو ته جيڪو معاشرو پنهنجن بهترين ذهنن کي موقعو نه ڏئي سگهي، اهو سماجي، معاشي ۽ سياسي طور پوئتي رهجي ويندو. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سياسي پارٽيون، سول سوسائٽي، تعليمي ماهر ۽ ميڊيا کي گڏجي هڪ اهڙي تحريڪ هلائڻ گهرجي جيڪا نه رڳو ڪرپٽ ميمبرن کي  بي نقاب ڪري، پر  نظام جي شفافيت کي پڻ يقيني بڻائي.هي رڳو روزگار جو مسئلو ناهي، هي تعليم، انصاف ۽ سماجي برابري جو سوال آهي. جيڪڏهن سنڌ جي هزارين محنتي ۽ باصلاحيت نوجوانن جو مستقبل پئسن تي وڪامبو رهيو، ته پوءِ اسان ڪهڙي اخلاقي حيثيت سان پاڻ کي هڪ باعزت ۽ باشعور قوم چئي سگهنداسين.

آگسٽ 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو