دادو: ياسر پبلڪ هاءِ اسڪول ڪيمپس. ٽو ۾ جشن آزادي تقريب

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) ياسر پبلڪ هاءِ اسڪول ڪيمپس ٽو ۾ جشن آزادي جي حوالي سان رنگا رنگ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ اسڪول جي شاگردن قومي جوش ۽ جذبي سان ڀرپور شرڪت ڪئي، ٻارڙن هٿن ۾ قومي پرچم کڻي ملي نغما پيش ڪيا، ۽ تقريرون ٽيبلوز ۽ رقص ذريعي آزادي جي ڏينهن جي خوشي ۽ جدوجهد جي عڪاسي ڪئي وئي،

شاگردن جي شاندار پرفارمنس تي والدين ۽ مھمانن طرفان ڀرپور تحسين جا اظهار ڪيا ويا، تقريب ۾ اسڪول جي پرنسپال واجد علي ملاح پنهنجي خطاب ۾ چيو ته آزادي اسان لاءِ انمول نعمت آهي، اڄ اسان پنهنجي ملڪ جي آزادي جو ڏينهن ملهايو، جيڪو اسان کي وڏن قربانين ۽ جدوجهد سان مليو، هي ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته آزادي ڪيڏي وڏي نعمت آهي،

اسان کي پنهنجي ملڪ سان محبت ان جي خدمت ۽ حفاظت ڪرڻي آهي، جيئن اسان جي بزرگن اسان لاءِ ڪئي، اچو ته واعدو ڪريون ته اسان تعليم حاصل ڪري، ايمانداري سان ڪم ڪري ۽ پنهنجي ملڪ کي وڌيڪ مضبوط ۽ خوشحال بڻايون گڏو گڏ ملڪ جي حفاظت ۽ ترقي لاءِ هر شهري کي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، آخر ۾ ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ گڏيل دعا پڻ ڪئي وئي.

آگسٽ 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو