دادو:  اسپيشل ايجوڪيشن اينڊ ريھبليٽيشن سينٽر دادو ۾ خصوصي ٻارن طرفان جشن آزادي جي شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي،

Spread the love

دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) اسپيشل ايجوڪيشن سينٽر دادو ۾ ٻارڙن قومي لباس پائي ۽ هٿن ۾ سبز هلال پرچم کڻي وطن سان محبت جو اظهار ڪيو. ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي سگھ کان محروم شاگرد ٻارڙن پنهنجي انداز ۾ جشن ۾ حصو ورتو ۽ ملڪ جي آزادي جا 78 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي اسڪول ۾ ڪيڪ ڪٽي خوشي جو اظهار ڪيو سبز ۽ اڇن جهنڊين سان سجايل تقريب ۾ خصوصي ٻارن پاران ملي نغما پڻ پيش ڪيا ويا، جڏهن ته ٻارن جا چهرا خوشي ۽ جذبي سان مھڪندي نظر آيا.

تقريب ۾ عملو ۽ استادن جي وڏي انگ ۾ شرڪت هئي، جن ۾ نائب پرنسپال مشتاق احمد عالماڻي، محمد عثمان ميمڻ، مشتاق مصطفىٰ ڪوري، مختيار احمد شيخ، ڪاشف علي، نياز حسين، اياز علي، جمال الدين برهماڻي، مس عنبرين ڪورائي، ديدار حسين ۽ شاهد حسين ۽ ٻيا شامل هئا. ان موقعي تي مهمانن صحافي ديدار علي شيخ، منور علي برهماڻي ۽ ڊاڪٽر نشان علي، به شرڪت ڪئي، جن ٻارن جي حوصلا افزائي ڪندي کين ملڪ جو سرمايو قرار ڏنو. تقريب خوشگوار ۽ حب الوطني جي ماحول ۾ پوري ٿي،

آگسٽ 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو