بلوچستان ۾ موبائيل انٽرنيٽ سروس جي بندش خلاف آئيني درخواست تي حڪومت کي نوٽيس جاري

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان هاءِ ڪورٽ، موبائل فون تي انٽرنيٽ سروس جي بندش خلاف هڪ آئيني درخواست تي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
ڪنزيومر سوسائٽي جي چيئرمين خيرمحمد شاهين طرفان داخل ڪيل درخواست تي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس روزي خان بڙيچ ۽ جسٽس سردار احمد حليمي ٻڌڻي ڪئي.
درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته موبائل فون تي انٽرنيٽ جو استعمال اڄڪلهه زندگي جي هر شعبي جي ضرورت آهي، پر ڪنهن به مناسب سبب کان سواءِ بلوچستان ۾ موبائل فون انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وئي آهي، جنهن سبب شاگردن جي تعليم ۽ ڪاروباري سرگرميون متاثر ٿي رهيون آهن.
هن چيو ته اڻڄاتل مدي لاءِ سروس جي بندش بنيادي انساني حقن جي به ڀڃڪڙي آهي.
هاءِ ڪورٽ بئنچ چيو ته درخواستگذار ان ڳالهه جي به نشاندهي ڪئي آهي ته بين الصوبائي پبلڪ ٽرانسپورٽ به معطل ڪئي وئي آهي، جنهن سبب عام ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن،
عدالت درخواست ٻڌڻيءِ لاءِ منظور ڪندي ايڊووڪيٽ جنرل بلوچستان ۽ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ جواب جمع ڪرائڻ ۽ ناڪامي جي صورت ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري، آءِ ٽي سيڪريٽري ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
درخواست تي ايندڙ ٻڌڻي 15 آگسٽ تي ٿيندي.