اسلام آباد ۾ 18هين ترميم جي خاتمي تي ڪم هلندڙ، زرداري ڪاوڙجي ڪراچي روانو؟

Spread the love

نيو يارڪ/اسلام آباد (ويب ديڪس) آرمي چيف جا مختلف هنڌن تي خطاب رپورٽ ٿيا آهن جن ۾ هن چيو آهي ته ملڪ جي وڏن مسئلن تي سياسي اتفاق راءِ ناهي ٿي رهيو جنهن جي ڪري اهي مسئلا حل نٿا ٿين. هن 18هين ترميم جو ذڪر ڪيو ته صوبن ۾ گهڻو پيسو وڃي ٿو ۽ وفاق غريب آهي، غريب وفاق غريب پاڪستان جي نشاني آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي وارن منصوبن تي به سياسي اتفاق راءِ ناهي ٿي رهيو جنهن جي ڪري ترقي رڪيل آهي. ٻئي پاسي ارڙهين ترميم کان اڳ وفاق پنهنجي مرضي موجب صوبن کي پيسا ڏيندو هو.

پارليامينٽ ۾ اهڙي اڪثريت ٺاهڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي جنهن سان 18هين ترميم کي 27هين يا 28هين ترميم ذريعي ختم ڪري سگهجي. پ پ کانسواءِ اهو ڪم ڪرڻ لاءِ ن ليگ کي 35 ايم اين ايز جي ضرورت آهي.  ڇو ته اها به راءِ آهي ته پيپلزپارٽي 18هين ترميم ختم نه ڪندي. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ ميمبرن جون نااهليون ن ليگ کي فائدو ڏئي رهيون آهن، ماڻهو شموليت به ڪري سگهن ٿا. ترميم ۾ معدنيات کي وفاق جي ماتحت ڪرڻ شامل هوندو جيڪو ارڙهين ترميم ۾ صوبن جي حوالي آهي.

پ پ، پي ٽي آءِ ۽ ٿي سگهي ٿو ته مولانا فضل الرحمان به ووٽ نه ڪري، ان لاءِ فارورڊ بلاڪ گهرجي، ڪجهه نااهليون گهرجن. ان ڪم ۾ واحد سياسي قوت مسلم ليگ ن اسٽيبلشمينٽ سان گڏ بيٺي آهي. ائين لڳي ٿو ته ن ليگ جي حڪومت وڃي رهي آهي پر ان کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو ته جيئن هو پيپلزپارٽي کانسواءِ اڪثريت حاصل ڪري وٺي. اها سوچ موجود آهي، اسلام آباد ۾ 18هين ترميم کي ختم ڪرڻ تي ڪم ٿي رهيو آهي. صدر آصف علي زرداري اهو سڀ ڏسندي ڪراچي هليو ويو آهي، کيس اهو سڀ پسند ناهي.

پيپلزپارٽي سڀ ڏسي رهي آهي، وٽن اهو طريقو آهي ته هو پي ٽي آءِ سان اتحاد ڪن پر هو هن وقت ائين نٿا ڪري سگهن تنهن ڪري بي وس آهن. صدر زرداري ڪاوڙجي وڃي ويهي رهيو آهي.

آگسٽ 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو