گڏاپ ٽائون ۾ جشنِ آزادي ميوزڪل شو ۽ آتشبازي سان ملهائي وئي، چونڊيل نمائندن ۽ عوام جي وڏي شرڪت

ملير (ڊر ) ٽائون مونسپل ڪارپوريشن گڏاپ جي چيئرمين طارق عزيز بلوچ، وائس چيئرمين جام محمد جوکھیو ۽ مونسپل ڪمشنر احمد يار جي نگراني هيٺ “معرڪو حق” جشنِ آزادي پاڪستان جي سلسلي ۾ گڏاپ ٽائون ۾ شاندار ميوزڪل شو ۽ دلڪش آتشبازي جو شاندار انتظام ڪيو ويو. تقريب ۾ ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي نويد انتھوني، ڊپٽي ڪمشنر ملير سليم الله اوڍو، گڏاپ ٽائون جا چونڊيل نمائندا ۽ محکما جي آفيسرن شرڪت ڪئي.
ايونٽ ۾ مشهور فنڪارن قومي نغما ۽ ميوزڪل پرفارمنس پيش ڪري شرڪت ڪندڙن جو جوش وڌائي ڇڏيو، جڏهنتہ آسمان تي رنگ ورهائيندڙ آتشبازي تقريب جي خوبصورتي ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. چيئرمين طارق عزيز بلوچ چيو ته: “يومِ آزادي قرباني، يڪجهتي ۽ خدمت وطن جو پيغام ڏئي ٿو، اڄ اسان سڀني کي اهو عهد ڪرڻو پوندو ته ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين.”
ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي نويد انتھوني 11 آگسٽ مينارٽي ڊي جو ڪيڪ ڪٽي چيو ته گڏاپ ٽائون انتظاميا عوام کي هڪ خوبصورت ۽ يادگار تقريب فراهم ڪئي. اهڙا پروگرام نوجوانن ۾ حب الوطني جو جذبو بيدار ڪن ٿا ۽ مون کي خوشي آهي ته آئون به هن پروگرام جو حصو آهيان.
ڊپٽي ڪمشنر ملير سليم الله اوڍو چيو ته هي جشن رڳو خوشي جو موقعو ناهي، پر اهو ياد ڏياري ٿو ته آزادي جي حفاظت لاءِ محنت ۽ قرباني ضروري آهي. هن گڊاپ ٽائون انتظاميا کي هن شاندار جشنِ آزادي پروگرام تي مبارڪباد پيش ڪندي سندن محنت کي لائق تحسين قرار ڏنو.
مونسپل ڪمشنر احمد يار چيو ته تقريب جو مقصد عوام کي گڏ ڪرڻ ۽ آزادي جي اهميت اجاگر ڪرڻ آهي. گڏاپ ٽائون جي ٽيم ميمبرن سهيل يار خان (ڊائريڪٽر پراپرٽي، پروگرام آرگنائيزر) ۽ ڊائريڪٽر انفارميشن رضوان صابر ۽ سندن ٽيم ڏينهن رات محنت ڪري هن پروگرام کي ڪامياب بڻايو، ۽ عوام جي وڏي انگ ۾ شرڪت اسان جي وڏي ڪاميابي آهي.
اعليٰ ڪارڪردگي تي ڊپٽي ڪمشنر ملير سليم الله اوڍو چيئرمين طارق عزيز بلوچ، وائس چيئرمين جام محمد جوکھیو، مونسپل ڪمشنر احمد يار ۽ ٻين محکما جي آفيسرن کي ايوارڊز پيش ڪيا، جڏهنتہ هن موقعي تي ٽائون طرفان ڊپٽي ڪمشنر ملير کي يادگاري شيلڊ پڻ پيش ڪئي وئي. آخر ۾ جشنِ آزادي پاڪستان جي سلسلي ۾ ڪيڪ پڻ ڪٽو ويو. ان موقعي تي گڏاپ ٽائون جي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن کي به ايوارڊ سان نوازيو ويو. عوام وڏي جوش ۽ جذبي سان تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ “پاڪستان زنده باد” جا نعرا هنيا
آگسٽ 12, 2025