ڊمپر گاڏين جي حادثن کي سياسي نفرت جو ٻارڻ نه بڻايو

Spread the love

ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ ڊمپر گاڏين جا وڌندڙ موتمار حادثا برابر ڳڻتي جوڳا آهن ۽ سنڌ حڪومت ان تي ڇو ڪنٽرول نه ٿي ڪري سگهي يا ڇو ناڪام رهندي پئي اچي سا تنقيد مٿس سجائي آهي پر ڊمپر گاڏين جي حادثن جي ردعمل ۾ ڪاوڙيل مڇريل هجوم جو گڏ ٿي ٻيون گاڏيون ساڙڻ ۽ وڳوڙ ڪرڻ به درست ناهي. سنڌ حڪومت جو خيال آهي ته ڪراچي ۾ ڊمپر گاڏين جي حادثن کي سياسي رنگ ڏيڻ ۽ سياسي مفاد ماڻڻ ۾ ڪراچي جي هڪ سياسي ۽ لساني جماعت جو هٿ آهي.

ڊمپر گاڏين جي حادثن جي حوالي سان تازو واقعو ايف جي ايريا ۾ راشد منهاس روڊ تي ٿيو آهي. هڪ ڊمپر گاڏي جي ڊرائيور ڪاڄ مان موٽندڙ ڀاءُ ڀيڻ جي موٽر سائيڪل کي ٽڪر هڻي ٻنهي ڄڻن کي چيڀاٽي ڇڏيو جنهن تي مڇريل شهرين جي گروپ ردعمل ۾ احتجاج طور وڌيڪ 5 ڊمپرن ۽ 2 واٽر ٽينڪرن کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن جي ردعمل ۾ وري ڊمپر ڊرائيورن ال آصف اسڪوائر وٽ سپر هاءِ وي، راشد منهاس روڊ ۽ شير شاهه تي احتجاج ڪري ڏنو. چيو وڃي ٿو ته موٽر سائيڪل کي ٽڪر ٽينڪر هنيو هو ۽ مڇريل ماڻهن وري ڊمپر گاڏين کي ساڙيو هو. بعد ۾ سنڌ حڪومت احتجاج ڪندڙ هيوي گاڏين جي ڊرائيورن سان ڳالهيون ڪري ۽ احتجاج ختم ڪرايو.

هن اشوءَ تي بلڪل به ڳالهائڻ گهرجي ۽ هر ڪنهن کي مثبت انداز سان هن معاملي تي راءِ به ڏيڻ گهرجي ۽ وقت جي حڪومت کي تجويزون به ڏيڻ گهرجن خاص ڪري سنڌ اسيمبلي ۾ موجود عوام جي چونڊيل نمائندن جو اهو فرض آهي ته اهي نه رڳو هن معاملي تي بحث ڪن پر هن مسئلي جي خاتمي لاءِ پنهنجي حصي جو مثبت ڪردار ادا ڪن حادثن جي سبب، انهن حادثن جي روڪٿام بابت سنجيدگي سان جيڪر تجويزون ڏين پر اهو ڏسي بيحد افسوس ٿي رهيو آهي ته اسيمبلي ميمبر روايتي طور تي سياسي گيم اسڪورنگ ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجو ڪردار درست رخ ۾ ادا نه پيا ڪن. تنهن ڪري پاڻ کي اهو ڏسي به اچرج ٿي رهيو آهي ته حادثن جو شڪار عام ماڻهن ۽ ڊمپر ڊرائيورن جي منهن ماري، ڇڪتاڻ ۽ ڪاوڙ ته سمجهه ۾ اچي ٿي پر حڪومت، اپوزيشن جماعت يا اسيمبلي ميمبر ان تي ايڏو  ڇو ٿا جذباتي ٿين، پاڻ ۾ وڙهن، سياسي گيم اسڪورنگ ڪن ۽ سياسي نفرت پيا وڌائين ۽ انهن  مسئلن کي سياسي مفادن لاءِ پيا استعمال ڪن.

اصل ۾ سياسي ۽ نظرياتي اختلافن جو مقصد اهو ناهي هوندو ته مخالفت براءِ مخالفت  جي سياست ڪجي. سياسي ۽ نظرياتي منشور چونڊن لاءِ هوندا آهن ۽ اهي چونڊن وقت عوام جي آڏو  پيش ڪيا ويندا آهن پر جڏهن چونڊن ۾ عوام پنهنجو فيصلو ٻڌائي ٿو ڇڏي ته پوءِ اسيمبلين اندر ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز واري ٻي ڊيوٽي شروع ٿي ويندي آهي جيڪا ادا ڪرڻ جو فرض لاڳو ٿي ويندو آهي پر اسان وٽ اها پارلياماني ذميواري ادا ڪرڻ بجاءِ مخالفت براءِ مخالفت واري سياست ڪئي ويندي آهي. جنهن سان نفرت جي سياست کي هٿي ملندي آهي.

 ڊمپر جي گاڏين وارن حادثن کي به سنڌ جون ٻه وڏيون ووٽ ماڻيندڙ جماعتون پ پ ۽ ايم ڪيو ايم روايتي مخالفت ۽ غير ذميوار بيان بازيون ڪري ان کي سياسي نفرت جو ٻارڻ بڻائي رهيون آهن جنهن جي ”اقتداري طاقتن“ کي اصولي طور تي مذمت ڪندي رد ڪرڻ گهرجي. پاڻ کي اهو ڏسي به حيرت ٿي رهي آهي ته وڏن حڪومتي عهدن تي هئڻ باوجود ڪجهه وزير غير ذميواراڻا، مڇرائڻ ۽ ويڙهائڻ وارا بيان ڏئي رهيا آهن ۽ پنهنجي جماعتن جي ڪارڪنن کي ٿڌو ڪرڻ بدران رهندو مڇرائيندي چئي رهيا آهن ته وڃو ڊمپر گاڏين کي باهيون ڏيون. اهو سڀ حڪومت کي بدنام ۽ ناڪام ڪرڻ توڙي مخالف جماعت وارو وير وٺڻ لاءِ ڪيو وڃي ٿو جيڪو ناقابل برداشت ۽ مذمتي عمل آهي. ڪي حڪومتي عهدا پارٽي مفادن کان مٿانهون هوندا آهن. مثال جيڪڏهن ڪير ايوان صدر، وزيراعظم هائوس، گورنر هائوس يا چيف منسٽر هائوس کي صرف ۽ صرف پنهنجي سياسي جماعت جي گڏجاڻين جو مرڪز بڻائي ۽ اتي ويهي پنهنجي پارٽي جي مفادن لاءِ ڪم ڪجي ته اها جانبداراڻي ناانصافي ٿيندي.  پر افسوس ته تجربيڪار اقتداري جماعتون به ناتجربي ڪاري وارا ڪم ڪري رهيون آهن ۽ وڏن حڪومتي عهدن تي رهي ڪري به پنهنجي سياسي جماعتن جو ڪم ڪري رهيون آهن جنهن سان حڪومتي ڪم متاثر ٿئي ٿو.

سو جيئن ته اسان هر حڪومت کي نيڪ نيتي سان مختلف معاملن تي مثبت نموني ملڪ، صوبن ۽ عوام جي بهتري لاءِ يا انهن جي مفادن لاءِ حڪمرانن کي صلاحون ڏيندا آهيون، مشورا ڏيندا آهيون تيئن اسيمبلي ميمبرن کي گهرجي ته اهي مثبت نموني حڪومت کي صلاحون ڏين ته جيئن سندن سٺو پارلياماني ڪردار ڳاتو وڃي.  اسان ميڊيا وارا ته اسيمبلي ميمبر به ناهيون پر پوءِ به پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪندي سنڌ اسيمبلي جي حڪومتي ڌر ۽ اپوزيشن کي صلاح ڏيون ٿا ته اهي ملڪ، سنڌ يا عوام جي اشوز تي هڪٻئي سان گڏ صلاح مصلحت سان هلن ۽ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪن. سياسي اسڪوررنگ گيم نه ڪن. ڇاڪاڻ ته اسيمبلين اندر سندن ڪردار پارٽي اڳواڻ يا ڪارڪن وارو ناهي پر اتي سندن ڪردار پارلياماني آهي تنهن ڪري اهو ذمو صرف حڪومت جو نه پر سڀني پارلياماني جماعتن جو گڏيل آهي ته اهي ڊمپر گاڏين جي حادثن جي روڪٿام لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪن ۽ هڪٻئي جي ان ڏس ۾ مدد ڪن.

اهو طريقو واقعي به درست به ناهي ته هڪ ڊمپر گاڏي جي ڊرائيور حادثو ڪيو هجي ته بي گناهه ٻين گاڏين کي به ساڙي نقصان ڪيو وڃي. جڏهن موٽر سائيڪل کي ٽڪر هڻندڙ ڊمپر گاڏي جو ڊرائيور گرفتار ٿئي ته اهو قصو اتي ئي ختم ٿيڻ گهرجي. ٻين گاڏين کي ساڙي نقصان ڪرڻ عقلمندي ناهي تنهن ڪري ڪنهن به سياستدان يا سياسي جماعت کي اهڙي وڳوڙي گروهه جي حمايت نه ڪرڻ گهرجي ۽ عام ماڻهو کي قانون هٿ ۾ کڻڻ نه ڏنو وڃي. حڪومت کي به گهرجي ته اپوزيشن جماعتن جي جائز تنقيد کي قبولڻ ۽ شڪريه ادائي جي روايت وجهي ۽ انهن جي مثبت صلاحن تي عمل ڪري پارليامينٽ اندر سهڪاري ماحول پيدا ڪري پر افسوس ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ٻئي جماعتون روايتي مخالف بازي ۾ نه رڳو اسيمبلي جو پر سنڌ جو ماحول به نفرت جو ڳو بڻائي رهيون آهن جنهن سان خدشو آهي ته ٻنهي جماعتن جو ڪارڪن نه پاڻ ۾ وڙهي پئي ۽ پوءِ حالتون هٿن مان نڪري وڃن تنهن ڪري حڪمران جماعتن ۽ مخالف ڌر کي احساس ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي

آگسٽ 12, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو