ٺٽو ۾ “معرڪه حق” جشن آزادي جي تياريون زور شور سان جاري

Spread the love

ٺٽو(رپورٽ: نظير احمد قريشي)  ؛؛معرڪه حق” جشن آزادي جي حوالي سان ٺٽي ضلعي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تياريون زور شور سان شروع،  ايوانِ صحافت ٺٽو، هيومن رائٽس پروٽيڪشن اينڊ سوشل جسٽس پاران ۽ مختلف اسڪولن ۾ جشن آزادي جي حوالي سان تقريبون منعقد ڪيون وينديون  ٺٽي ضلعي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ “معرڪه حق” جشن آزادي جو ڏهاڙو جوش جذبي سان ملهائڻ جي حوالي سان تياريون زور شور سان شروع ڪيون ويون آهن، ٺٽي جي ايوانِ صحافت ٺٽو ،

هيومن رائٽس پروٽيڪشن اينڊ سوشل جسٽس سان گڏ مختلف ٻهراڙي جي سرڪاري اسڪولن  پوليس لائين مڪلي ۾  جشن آزادي جي تيارين جي حوالي سان تقريبون منعقد ڪيون وينديون، ٺٽي  ضلعي جي مختلف سرڪاري اسڪولن گورنمينٽ پرائمري بوائز اسڪول ڳوٺ هلايا، ڪينجھر، علي بحر، سونڊا ، جهرڪ ، جهمپير ، سميت ٻين اسڪولن ۾ معرڪه حق جشن آزادي جي تيارين جي حوالي سان تقريبون منعقد ڪيون وينديون، منعقد ڪيل تقريبن معرڪه حق جشن آزادي جي حوالي سان تقريرون، ٽيبلا، راندين جا مقابلا ڪرايا ويندا ، ايوانِ صحافت ٺٽو جي عهديدارن چيو ته  ڪشمير ۽ فلسطين کي ڏسي احساس ٿئي ٿو ته آزادي ڪيڏي وڏي نعمت آهي  ٺٽو ضلعو  به آزادي ۽ گڏيل احترام سان ڪاميابيون ماڻي مثال بنجي رهيو آهي

هيومن رائٽس پروٽيڪشن اينڊ سوشل جسٽس جي عهديدارن کي چيو ته  1947 ۾ اڄوڪي ڏينهن تي قائد اعظم محمد علي جناح تاريخي خطاب ڪندي چيو هو ته پاڪستان ۾ جنهن به رنگ، رنگ، نسل ۽ مذهب سان تعلق وارا رهن ٿا هي ملڪ انهن جو آهي ۽ سمورن شهرين کي برابريءَ جا حق آهن. 14 آگسٽ تي ايوانِ صحافت ٺٽو ۽ هيومن رائٽس پروٽيڪشن اينڊ سوشل جسٽس پاران ٺٽي ۽ ڪينجھر ڪناري ريلي ڪڍي ويندي پاڪ آرمي سان يڪجهتي جو ڀر پور اظهار ڪيو ويندو ،

اڳواڻن چيو ته ڪشمير ۽ فلسطين سميت جيڪي قومون آزاد ناهن، انهن جي تڪليفن کي ڏسي احساس ٿئي ٿو ته آزادي ڪيڏي وڏي نعمت آهي. هن چيو ته ڪنهن به ملڪ لاءِ آزاديءَ کان پوءِ ٻي منزل هر شهريءَ جي خوشحالي آهي، جنهن لاءِ حڪومتن سان گڏ  پاڪ آرمي سان گڏ اسان سڀن کي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، ان ڏس ۾ ماڻهن کي مستقل روزگار ڏيڻ ۽ سندن معاشي مسئلا حل ڪرڻ سڀ کان اهم آهي. ان حوالي سان ايوانِ صحافت ٺٽو پڻ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جيڪو ملڪي ترقي ۽ ماڻهن جي خوشحاليءَ لاءِ مسلسل ڪم ڪري رهيو آهي.

اڳواڻن  چيو ته جهڙي طرح پاڪستان آزاديءَ واري ماحول ۾ ترقي ڪري رهيو آهي، ايوانِ صحافت ٺٽو  به ڪم جي آزاداڻي ماحول ۽ هڪٻئي جي احترام سان ڪاميابيون ماڻي ٻين ادارن لاءِ مثال بنجي رهيو آهي. ميٽنگ ۾ نظير احمد قريشي ،علي اڪبر دلواڻي ، نثار احمد گندرو ، محمد انيس هلايو ، ارشاد عمر گندرو ، سيد شير علي شاهه ، هريش ڪمار يارو شاهه ، شفيق احمد عَابۡداڻي، ميڊم صابرا قريشي، لالا شعيب پٺاڻ ، شهريار صديقي ، اختر حسين بروهي ، محمد اسماعيل پليجو ، حيدر شورَو، زاهد شيخ ، ۽ ٻين شرڪت ڪئي آخر ۾  14 آگسٽ جي آزادي ڏينھن جي خوشي ۾ ڪيڪ ڪاٽيو ويو.

آگسٽ 12, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو