وڳڻ ۾ پوليس جون ڪامياب ڪارروائيون، منشيات، چوري ۽ ڦرن ۾ ملوث جوابدار گرفتار

Spread the love

وڳڻ ( رپورٽ: عاجز چانڊيو) ڊي ايس پي نصيرآباد ايٽ وڳڻ جي اهم پريس ڪانفرنس — منشيات، چوري ۽ ڦرن ۾ ملوث جوابدار گرفتار، موٽر سائيڪلون، سونا زيور ۽ ڪار اصل مالڪن  حوالي   ڊي ايس پي نصيرآباد ايٽ وڳڻ غلام مزمل سومرو، ايس ايڇ او وڳڻ انور علي ابڙو، ايس ايڇ او لعلو رائنڪ غلام عباس سومرو، ايس ايڇ او نصيرآباد غلام مصطفيٰ ميراڻي ۽ ايس ايڇ او ڏيرا جي موجودگي ۾ اهم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ساجد مير سدوزئي جي هدايتن تي منشيات، چوري ۽ ڦرن جي وارداتن ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪامياب ڪارروائيون ڪيون ويون آهن.

ڊي ايس پي ٻڌايو ته ڪارروائين دوران 7 موٽر سائيڪلون، 12 لک رپين جا سونا زيور ۽ هڪ ڪار برآمد ڪري اصل مالڪن حوالي ڪيا ويا. گرفتار جوابدارن ۾ گلزار باريجو (پسٽل سميت)، محمد اسمائيل ٽڳڙ ۽ محمد جمن ٽڳڙ شامل آهن.پريس ڪانفرنس دوران ڊي ايس پي وڌيڪ ڄاڻايو ته پڪو ٿاڻي جي حد ۾ هاءِ پروفائيل قتل ڪيس ۾ اصل قاتل عبدالغفار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جيڪو ساڳئي ڪيس جو فريادي به هو. هن قتل جو اعتراف ڪيو آھي جنھن کان پسٽل به برآمد ٿيو آھي

ان کان سواءِ منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث گھربل جوابدار سرفراز عرف ڊون جتوئي ۽ جان محمد عرف جانو جتوئي منشيات فروشي ڇڏي قرآن پاڪ تي هٿ رکي آئينده لاءِ غيرقانوني ڪاروبار نه ڪرڻ جو حلف کڻي پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

ڊي ايس پي نصيرآباد ايٽ وڳڻ غلام مزمل سومرو وڌيڪ چيو ته ايس ايس پي ساجد امير سدوزئي پاران نصيرآباد سب ڊويزن جي سڀني ٿاڻن ۾ بهترين آفيسرن جي مقرري سان امن امان جي صورتحال ۾ نمايان بهتري آئي آهي، جنهن لاءِ ايس ايس پي جي قيادت ۽ حڪم تي ڪارروائيون جاري رهنديون.

آگسٽ 12, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو