نوابشاهه ۾ شيعه علماءِ ڪائونسل جو چهلم امام حسينؑ تي عام موڪل ۽ سيڪيورٽي لاءِ مطالبو

Spread the love

نواب شاه( رپورٽ :عبدالفتاح رند) شيعه علماءِ ڪائونسل پاڪستان سنڌ صوبي جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري زوار محمد حسين چانڊيو، صوبائي نائب صدر مولانا ڪفايت حسين ڪريمي، سيد سبحان علي شاهه، سيد غلام علي شاهه، مولانا تاج علي انقلابي،

سيد فياض حسين شاهه، مولانا عطا حسين چانڊيو، مولانا محمد عالم مري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته چہلم سيد شهداء حضرت امام حسين عليه السلام 20 صفر 2025 جمعي جي ڏينهن نھایت عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو. انهن چيو ته اسان حڪمرانن کان مطالبو ڪريون ٿا ته چہلم سيد شهداء حضرت امام حسين عليه السلام تي عام موڪل جو اعلان ڪيو وڃي، عزادارن کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن،

پيادل قافلن کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي، مجلس ۽ ماتمي جلوسن ۾ روشني ۽ صفائي کي يقيني بڻائڻ جو خاص خيال رکيو وڃي ۽ انتها پسندن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. انهن چيو ته قائد ملت جعفريه پاڪستان علامه سيد ساجد علي نقوي جي هدايتن تي پوليس ۽ رينجرز سان گڏ جعفريه يوٿ ۽ جعفريه اسڪائوٽس به سيڪيورٽي جا فرض سرانجام ڏيندا.

آگسٽ 12, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو