عورت سان زيادتيءَ جو الزام، ڀارتي ڪرڪيٽر تي پابندي لڳي وئي

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽر يَش ديال مٿان عورت سان زيادتي جي الزامن کانپوءِ ليگ ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، فاسٽ بالر يَش ديال جي ليگ کيڏڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي، هو يو پي ( اتر پرديش ) ٽي ٽوئنٽي ليگ جي ٽئين ايڊيشن جو حصو نه هوندو، سندس گروکپور لائينز سان معاهدو هو.
يو پي ٽي ٽوئنٽي ليگ 17 آگسٽ کان شيڊيولڊ آهي پر عورت سان زيادتي جي الزام تي فاسٽ بالر يَش ديال ايڪشن ۾ نظر نه ايندو.
اترپرديش ڪرڪيٽ ايسوسئييشن ڀارتي ڪرڪيٽر جي ليگ کيڏڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته ڀارتي فاسٽ بالر هلندڙ سال آءِ پي ايل فاتح ٽيم رائل چئلينجرز جو حصو هو، يش خلاف عورت جي الزامن کانپوءِ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، سندس خلاف جئپور ۾ به هڪ ڪيس داخل آهي.

آگسٽ 12, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو