شڪارپور ۾ پينشن ۽ گريجويٽي ۾ ڪٽوتي خلاف روينيو ملازمن جو احتجاج

شڪارپور (رپورٽ: جاويد علي شيخ)سندھ حڪومت پاران پينشنرز ۽ گريجويٽي ۾ 30 سيڪڙو ڪٽوتي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تي آل روينيو سنڌ ايمپلائيز ايسوسيئيشن شڪارپور ۾ آفيسن کي تالا هنيا ۽ قلم ڇڏ هڙتال ڪئي، جڏهن ته ملازمن احتجاجي مظاهرو به ڪيو.
آل روينيو سنڌ ايمپلائيز ايسوسيئيشن جي مرڪزي صدر سيد سردار شاهه جي هدايت تي سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جڏهن ته شڪارپور ۾ روينيو ملازمن ڊپٽي ڪمشنر آفيس کي تالا هنيا ۽ مڪمل قلم ڇڏ هڙتال ڪئي. احتجاجي مظاهرو مرڪزي اڳواڻ غلام سرور کوهارو، نظام الدين شيخ، رحيم مارفاني، آصف مفتي، فياض سومرو، ضمانت علي ايراني، تپيدار پير بخش پٺاڻ ۽ ٻين ملازمن جي اڳواڻي ۾ ڪيو ويو.
اڳواڻن مظاهره ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت ملازمن سان انتهائي ناانصافي ڪري رهي آهي، جڏهن ته پينشنرز ۽ گريجويٽي ۾ ڪٽوتي ڪرڻ، ملازمن جي گهرن جا چولها بند ڪرڻ جي برابر آهي. هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ملازمن جي دشمن نوٽيفڪيشن کي واپس ورتو وڃي ۽ ٻين صوبن وانگر سنڌ ۾ به ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ ڪئي وڃي. آل روينيو سنڌ ايمپلائيز ايسوسيئيشن احتجاجي مظاهرا جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي۔
آگسٽ 12, 2025