سڪرنڊ لڳ ڳوٺ رُڪوجا انڙ ۾ باھ جي واقعي سبب ڪيترائي گهر سڙي رک، متاثر ڳوٺاڻن جي مدد جي اپيل

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ ) سڪرنڊ لڳ ڳوٺ رُڪوجاـ انڙ ۾ اوچتو باھ ڀڙڪي پئي جيڪا اک ڇنڀ ۾ پکڙندي وئي ۽ ڪيترن ئي گهرن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو واقعي بعد متاثر ڳوٺاڻن الھ ڏنو انڙ ۽ صادق علي انڙ جي بروقت اطلاع تي ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي فائربرگيڊ گاڏي پھچي باھ تي ڪنٽرول ڪيو جنهن سبب جاني نقصان جو بچاء ٿي ويو جڏھن ته ڳوٺاڻن جو الھ تلھ مڪمل طور سڙي رک ٿي ويو

باھ جو ٻڌڻ بعد يو سي مجيد ڪيريو جو وائيس چيئرمين عبدالخالق نوناري سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو صدر ڪيلا رام اوڏ ، جنرل سيڪريٽري محمد بچل ڏھيو ،  امام علي جمالي ۽ غلام مصطفىٰ ڍلو واقعي واري هنڌ پهچي متاثر ڳوٺاڻن کي دلداري ڏني جنهن بعد هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسين ضلعي انتظاميه ۽ تعلقه انتظااميه کي اپيل ٿا ڪريون ته هُو ڳوٺاڻن جي مالي مدد ڪري کين سندن سڙيل گهر ٻيهر تعمير ڪرائي ڏنا وڃن هوڏانهن يونين ڪائونسل مجيد ڪيريو جي چيئرمين حاجي چڱل خان انڙ اعلان ڪيو آهي

ته هُو يو سي جي محدود فنڊز مان متاثت ڳوٺاڻن جي مالي مدد ڪندو ٻئي پاسي متاثر ڳوٺاڻ جو چوڻ ته سندن گهرن ۾ رکيل کٽون ، پينگھا ڪاٺ ، ھارپي ۽ مزدوري ڪرڻ جا اوزار پڻ سڙي رک ٿي ويا آهن اسين شديد گرميءَ ۾ ٻچن سميت.کلئي آسمان هيٺ ويٺا آهيون اسان جي انسانيت خاطر مدد ڪئي وڃي

آگسٽ 12, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو