سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر جي مقرري وارو مامرو، عدالت مان وڏي خبر اچي وئي

Spread the love

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ نون اپوزيشن اڳواڻن جي مقرري روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ارشد علي ۽ جسٽس خورشيد اقبال تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ، عمر ايوب ۽ شبلي فراز کي اليڪشن ڪميشن طرفان ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين کي ٻنهي ايوانن ۾ نوان اپوزيشن اڳواڻ مقرر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.
عدالت اليڪشن ڪميشن کي عمر ايوب ۽ شبلي فراز خلاف وڌيڪ ڪارروائي کان به روڪي ڇڏيو ۽ درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي 15 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي ڪيسن ۾ عمر ايوب ۽ شبلي فراز کي سزا ٻڌائي هئي، جنهن کانپوءِ ٻئي رڪن نااهل ٿي ويا هئا.
اليڪشن ڪميشن طرفان ٻنهي اڳواڻن کي نااهل قرار ڏيڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ ٻنهي ايوانن ۾ اپوزيشن اڳواڻ جي سيٽ کان محروم ٿي وئي آهي.

آگسٽ 12, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو