بلاول وفاق کان نئين اين ايف سي ايوارڊ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو حڪومت کان نئون نيشنل فنانس ڪميشن (اين ايف سي) ايوارڊ جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته پهريون ڀيرو حيدرآباد کي تيزي سان ترقي ڪندي ڏسي رهيو آهيان، رنگ روڊ سميت مختلف منصوبا جاري آهن، جڏهن ته حيدرآباد ۾ ايئرپورٽ به هئڻ گهرجي، وزيراعظم کي چوندس ته اهو تحفو حيدرآباد کي ڏين.
هن چيو ته 26 هين ترميم تي تاريخي ڪاميابي ڪنهن مخصوص دور لاءِ نه پر هميشه لاءِ آهي، 27 هين ترميم هوائي فائر هوائي ڳالهه آهي، توهان کان ئي ٻڌي رهيو آهيان، حڪومت طرفان اڃا تائين اسان سان 27 هين ترميم لاءِ رابطو نه ڪيو ويو آهي.
پ پ چيئرمين وفاقي حڪومت کان فوري طور تي اين ايف سي جو اجلاس سڏائي نئون اين ايف سي ايوارڊ جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته اسان صوبائي حڪومتن کي ذميواريون ڏياريون، پر اين ايف سي ايوارڊ اڃا به ساڳيو آهي.
بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت پنهنجين ناڪامين جو ٻوجهه صوبن تي نه وجهي، ايف بي آر جي ٽيڪس هدفن ۾ ناڪامي ۾ صوبن جو ڪو ڏوهه ناهي، اها وفاقي حڪومت ۽ ايف بي آر هلائيندڙن جي ناڪامي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته 18 هين ترميم سان صوبن ڏانهن جيڪي ذميواريون منتقل ٿيون آهن، انهن جا وسيلا به صوبن کي ڏنا وڃن.