ڪي پي ڪي: 2018 کان 2021 تائين صحت انصاف ڪارڊ ۾ اربين رپين جي گهوٻين جو انڪشاف

Spread the love

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخوا جي صحت کاتي جي آڊٽ رپورٽ ۾ 2018 کان 2021 تائين صحت انصاف ڪارڊ ۾ مالي بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي.

آڊٽ رپورٽ موجب صحت ڪارڊ ۽ ٻين منصوبن ۾ 28 ارب 61 ڪروڙ رپين جون مالي بي قاعدگيون سامهون آيون آهن.

رپورٽ ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي ته نجي اسپتالن کي غير ضروري طور صحت سهولت ڪارڊ پينل ۾ شامل ڪيو ويو ۽ اهڙين نجي اسپتالن کي به اربين رپين جي ادائيگي ڪئي وئي جيڪي پينل ۾ شامل ئي نه هيون. 10 ضلعن جي 48 مان 17 اسپتالون صحت سهولت ڪارڊ پينل ۾ رجسٽرڊ نه هيون.

رپورٽ موجب غير رجسٽرڊ اسپتالن کي صحت سهولت پروگرام تحت ادائيگيون ڪيون ويون، سوات جي ٻن غير رجسٽرڊ نجي اسپتالن کي هڪ، هڪ ارب رپين کان وڌيڪ جي ادائيگي ڪئي وئي. 32 ڊي ايڇ ڪيو اسپتالن ۾ ضرورت کان وڌيڪ ڀرتيون ڪيون ويون جنهن سان خزاني کي نقصان پهتو، ضرورت کان وڌيڪ ڀرتين سان خزاني کي 82 ڪروڙ 40 لک رپين جو نقصان ٿيو.

هڪ مارچ 2022 تي سينٽرل مينيجمينٽ انفارميشن سسٽم متعارف ڪرائڻو هو، جيڪو نه ٿي سگهيو. هي سسٽم صحت کاتي ۽ نادرا پاران صحت سهولت پروگرام لاءِ متعارف ڪرائڻو هو.

آڊٽ رپورٽ موجب صحت سهولت ڪارڊ مان فائدو وٺندڙ مريضن جو مڪمل ڊيٽا موجود نه آهي.

آگسٽ 11, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو