نوابشاهه ۾ سوئيٽ هوم پاران جشن آزادي تقريب، يتيم ٻارڙن جا رنگا رنگ پروگرام

نوابشاه ( رپورٽ: عبدالفتاح رند) ملڪ پاڪستان جي 78هين جشن آزادي جي خوشي ۾ پاڪستان بيت المال سوئيٽ هوم نوابشاهه ۾ “مارڪ حق” جي سري هيٺ هڪ شاندار تقريب جو منعقد ڪيو تقريب ۾ مهمانن ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر محمد يوسف مجيداڻو، زونل ھيڊ نادرا رفيق احمد بلر، ڊسٽرڪٽ پاپوليشن آفيسر رياض احمد شر، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پاڪستان بيت المال شھزادو جسڪاڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
تقريب جي شروعات قومي جهنڊي جي ڦڙڪائڻ سان ٿي، جنهن بعد قومي ترانو پڙهيو ويو. سوئيٽ هوم جي يتيم ٻارڙن پاران حب الوطني ٽيبلوز، تقريرون ۽ ٻيا رنگا رنگ پروگرام پيش ڪيا ويا، جن ذريعي ملڪ سان محبت جو اظهار ڪيو ويو ۽ آزادي جي نعمت بابت پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو.ان موقعي تي مهمانن چيو ته هي ٻار اسان جي قوم جو روشن مستقبل آهن. انهن جي حب الوطني جو جذبو ڏسي دل خوش ٿي وئي.
اسان دعاڳو آهيون ته هي ٻار محنت سان پڙهن ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪن. اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پاڪستان بيت المال شھزادو جسڪاڻي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته، هي ملڪ اسان کي وڏين قربانين بعد حاصل ٿيو آهي، ۽ هن تقريب جو مقصد هي آهي v جي معصوم ٻارڙن کي آزادي جي حقيقي معنيٰ ۽ ان جي اهميت کان آگاهه ڪيون تقريب آخر تائين جوش، جذبي ۽ حب الوطني جي فضا ۾ جاري رهي، جنهن ۾ ٻارڙن سميت سڀني شرڪت ڪندڙن جي چهرن تي خوشي ۽ فخر نمايان نظر ايندي رھي
آگسٽ 11, 2025