فواد خان ۽ واني ڪپور جي بالي ووڊ فلم نيٺ رليز لاءِ تيار

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪار فواد خان ۽ ڀارتي اداڪارا واني ڪپور جي بالي ووڊ فلم ”ابير گلال“ جو رستو صاف ٿي ويو ۽ ان جي رليز جي تاريخ جو اعلان سامهون اچي ويو آهي.
فواد خان 9 ورهين کانپوءِ واني ڪپور سان گڏ فلم ابير گلال ذريعي بالي ووڊ ۾ واپسي ڪري رهيو هو پر مئي ۾ پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ سبب فلم جي رليز روڪي وئي.
هاڻ تازي اڳڀرائي اها آهي ته فلم جي رليز جو رستو صاف ٿي ويو آهي ۽ اها ”سردار جي 3“ جيان سڄي دنيا ۾ رليز ڪئي ويندي پر ڀارت ۾ نه ڏيکاري ويندي.
فلم 29 آگسٽ 2025 تي سينيما گهرن جي زينب بڻجندي.

آگسٽ 11, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو