صدر بڻجڻ جو ارادو ناهي، هر ملڪ جو جمهوري نظام مختلف هوندو آهي: فيلڊ مارشل

اسلام آباد/نيو يارڪ (ويب ديڪس) آمريڪا ۾ فيلڊ مارشل کان سوال ڪيو ويو ته ڇا هو صدر بڻجي رهيو آهي؟ ان تي فيلڊ مارشل عاصم منير ترديد ڪندي چيو ته منهنجو صدر بڻجڻ جو ڪو ارادو ناهي، مان جيڪو به ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو ان لاءِ فيلڊ مارشل ۽ آرمي چيف جو عهدو ڪافي آهي.هن انهن افواهن کي به غلط قرار ڏنو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت ۾ ڪي اختلاف آهن ۽ چيو ته سڀ فيصلا اتفاق راءِ سان گڏجي ٿي رهيا آهن،
عورتن کي اختيار ڏيڻ جي سوال تي هن پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم ۽ ان کانپوءِ مريم نواز جو مثال ڏنو،مريم نواز جي ڪارڪردگي بهتر وڃي رهي آهي، جمهوريت بابت سوال تي هن جواب ڏنو ته دنيا جي سڀني ملڪن جي جمهوريت هڪ جهڙي ناهي، مختلف آهي، پاڪستان جو جمهوري نظام ٺيڪ ڪم ڪري رهيو آهي، آرمي چيف کان سوال ٿيو ته اوچتو ريئر ارٿ منرلز ڇو نڪري رهيا آهن؟ ان تي هن چيو ته سائنس ترقي ڪئي آهي، هاڻي ريئر ارٿ منرلز جون بيٽريون ٺهڻ شروع ٿي ويون آهن،
اليڪٽرڪ گاڏين، اسمارٽ فونن ۾ ريئر ارٿ منرلز جي ضرورت پوي ٿي ان جي ڪري انهن معدنيات جي ضرورت ئي هاڻي محسوس ٿي آهي. پاڪستان وٽ دنيا جو سڀ کان وڏو ذخيرو آهي. اهو سوال ته اها معدنيات 20 سال اڳ ڪٿي هئي؟ ته ان وقت انهن شين جي ضرورت ئي نه هئي. ملڪي معيشت جي حوالي سان هن چيو ته معيشت درست هلي رهي آهي، اسان پاڪستان جو سمورو قرض 5 سالن ۾ لاهي ڇڏينداسين. آمريڪا سان لاڳاپن بابت هن چيو ته آمريڪا سان اڳ کان وڌيڪ سٺا لاڳاپا آهن.
آگسٽ 11, 2025