شاھَ جي شاعراڻي تخيل جو بحر بيڪران
آخري حصو
ماڙين مينهن نه پوُنِ، ساوا گاهه نه سومرا،
ماڙيچيون محلن ۾، مور نه مٿو ڌونِ،
جيڏين ڌاران جوُنِ، عمر کاڌي آهيان…
هي بيت، جنهن مان سنڌ جي ڳوٺاڻي ثقافت اڀريل سج وانگر چٽي نظر اچي ٿي. جيڏين ۽ سرتين جون تصويرون ذهن جي پردي تي ڪنهن فلم جيان ڊوڙڻ لڳن ٿيون. جيڪي ميڙاڪا ڪري ٽهڪ ڏيندي ۽ خوش خوش ٿيندي ڪنهن هڪ عورت جي مٿي مان جونئان ڪڍڻ واري ڪرت ۾ مشغول ڏسجن ٿيون.
مارئيءَ جي ياد جي اهڙي نرالي عڪس کي مان نٿو سمجھان ته ڪو ٻيو شاعر اسان جي سامهون ائين آڻي سگھي ٿو. اهو ڀٽائيءَ جي قلم جو ئي ڪرشمو آهي. هن جي ئي ڏات جومعجزو آهي.
لوءِ وڃي ڪو چوءِ، منهنجو ماروئڙن کي،
ڇانگيان ڇڄي ڇيلڙو، سو پڻ ڪاٿي هوءِ،
صحيح وڙولجي سوءِ، آئون ڪيئن وينِ وسري…
لوءِ، يعني مارئيءَ جي مارن واري هنڌ ڪو وڃي چوي، هن جو نياپو پڄائي ته انهن جي ريت ۾ ڇانگ کان ڇڄي، اڪيلو ٿي، جيڪڏهن ڪو ڇيلو به ڪٿي گم ٿي ويندو آهي، ته ان کي به ڳولي ڦولي، هٿ ڪري وري ولر سان واڙ ۾ واڙيو ويندو آهي. هوءَ به ته اهڙي ڪنهن ڇيلي وانگر پنهنجي ڪڙم کان ڪٽجي وڃائجي وئي آهي. پوءِ ان کي ڇو وساريو ويو آهي؟ ڇو ان کي ڳولي ڦولي ويڙهيچن جي ويڙهي ۾ پهچائڻ جي ڪا پهلڪاري نه ڪئي وئي آهي.
بندي ٻيا قرار، اسين لوچون لوهه ۾،
مٿي تن ترار، سدا سانڀيئڙن جي…
مارئيءَ جي ڪردار کان مڙي وري جڏهن سهڻيءَ سامهون اکيون ڪجن ٿيون ته “ سپيريان جي سوڀ، ننڊون ڪندي نه ملي..” سان گڏ “ جئان گھڙي تان گھيڙ، ڪپرو پڇن ڪوڙيون..” جهڙا پيغام سوچ جي مٿي ۾ هٿوڙو ٿي کپي وڃن ٿا. درياهه کي پِٽون ۽ پاراتا،
“واهڙ وهين مَ شال، سڪي ٻيلاٽيون ٿئين،
پَسان تنهنجي پيٽ ۾، لاڻا لوتَ ليارَ، جيئن تو سڀ ڄمارَ، آسائٽيون ٻوڙيون..”
يا
“واهڙ ڀريون مَ پاءِ، تو پڻ ليکو ڏيڻو، سدا سانوڻ ڏينهنڙا ائين نه هونداءِ، وهامي وينداءِ، اوڀر اتانهان لهي..”
ڪچو گھڙو، جو سهڻيءَ جو واحد واهر ۽ وسيلو. سو پاڻيءَ ۾ پُسي پاڻي ٿي وڃي ٿو. لکين لوهڻيون هن جي گوري بدن جي شڪار لاءِ مڙي مُچي ٿين ٿيون. ڄنگھ ڄرڪي وات ۾ ته سِسيءَ کي اچي سيسار ڳڙڪائيس ٿو. ڏَمَ جي لڄَ، ميهر جي محبوبا ڀاڱا ڀاڱا ٿي وڃي ٿي. بي جوڙ شاديءَ جو مزاحمتي ڪردار درياهه جي پيٽ ۾ پهجي وڃي ٿو. ڪنڌيءَ تي ڪانهَن جھليندي، دانهون ڪندي ميهر درياهه سان مخاطب ٿي چوي ٿو،“ تو ڪيئن ٻوڙي سهڻي، ٻيلي منهنجي ٻانهن، درياهه توتي دانهن، ڏيندس ڏينهن قيام جي ”
سهڻيءَ کان وڻجاري جي ونيءَ واري سُرَ “ سامونڊي ” ڏانهن اچجي ٿوته ڦوڙائي ۽ فراق جا اٿاهه ساگر سيني ۾ کڻي هلندڙ آسائتين جا اکا نيڻ نهار تائين سمونڊ جي سطح تي ٻڏندي ۽ ترندي نظر اچن ٿا. وڻن ٽڻن ۾ ٻڌل اميدن جون وانئٽيون، “ الا ڪانڌ اچي ” جون صدائون آسمان جي وسعتن ۾ ڦيراٽيون کائينديون محسوس ٿين ٿيون. سامونڊين جي سور جون سوين سوز ڀريون ڪهاڻيون، جوڀن جي ڏينهنِ جا ذڪر، جڏهن سڄڻ سفر تي هلڻ هارا، روئڻ سان به نه رهڻ وارا، نينهن جي ونگ کان وڌيڪ وڻج ۽ واپار سان پيار ڪندڙ انهن جي ايلازن ۽ التجائن کي ليکي ۾ نه آڻي ٻيڙيون هاڪاري هليا وڃن ٿا ته انهن ويچارين زالن واتان “ وڻجاري ڪانڌاءِ، مون وَرُ ويٺي گھاريو ” جهڙا آلاپ اوسارا بڻجي پڙهندڙ جي ذهن جي فضائن کي ڏکارو ڪري ڇڏين ٿا.
“ سامونڊي” تان هلي وري جيئن “ ڪارايل ” جي سڪل سَرَ تي پهچجي ٿو ته “ ٻڌج نه ٻيلهه ٻگهن سين ” واري سِٽ هڪل ڪري هوشيار ڪري ٿي. پوءِ اوسي پاسي جو جائزو وٺجي ٿو ته منهن کوڙي موتي چڻندڙ هنجن جو اهو سَرُ ڪانيرن هٿان ڪالوريل نظر اچي ٿو ۽ هنج اتي لهندي لڄ ٿا ڀانئن. هو هيڻا آهن، ان ڪري ان جوُءِ کان رسي روهه جو رولاڪيون قبول ڪن ٿا ۽ ڪنهن به صورت ۾ ٻگهن سان ٻيلهه نه ٿا ٻڌجن. ورهين کانپوءِ انهن مان ڪو واپس ساڳيو سَرُ ڏسڻ اچي ٿو ته اهو سڪل ڏسي روئي ٿو ويهي. هن جا ڳوڙها سندس پير پُسائي ٿا ڇڏين. اها درد جي رمز ڪنگن جي سمجھه کان مٿي آهي، انڪري اهي ان کي رسي نه ٿا سگھن.
هنجن کان کاهوڙين جي رندن ۽ پنڌن تي پير ڌرجن ٿا ته هڪ نئون جهان اکين جي ماڻڪين ۾ حيرت جا سوين هزارين رنگ اڀاري ٿو ڇڏي. اها جوُءِ، جيڪا ڏٺل نه ٻڌل، کاهوڙي اتي ڏوريندي ڏسجن ٿا. پاهڻن مٿان پاسا کوڙيندي اهي توڙي جو ڪنهن ڏک کان سمهي سک نه ٿا ماڻين، پر پوءِ به زماني کان لڪي لوڪ جي جيءَ کي سکن جي حاصلات لاءِ جاکوڙڻ جا جوش ڏيندا رهن ٿا.
انهن ڪردارن لاءِ لطيف سائين ٻڌائي ٿو ته اهي پنهنجي اٽل ارادن سان “ گنجي ” جي گود ۾ اهڙن اوکن ماڳن تي پهچي باهڙيون ٻاري ويهن ٿا، جتي ڪنهن پکيءَ جي پير جي پهچ به نه ٿي ٿي سگھي. ڏونگر ڏورڻ ۽ ڏٿ ڪرڻ کي اهي ڏاکڙو انڪري نه ٿا سمجھن. ڇاڪاڻ جو کين خبر آهي ته سجاڳي ئي منزل تي رسائيندي آهي ۽ ڇپر ستلن کي سوکڙيون نه ڏيندو آهي.
سڪا سنڊ ڪڇن ۾، کرڪڻا پيرين،
وهاڻيءَ ويرين، اڻ تڻ هين اڳ جي…
“ کاهوڙي” کان هلي وري جڏهن “ رامڪلي ” سان روح رلائجي ٿو ته سيج تي ستل کي “آهه” جي اٿارڻ جو مشاهدو ڪرڻو پوي ٿو. ان “آهه ”، جنهن رڳ رڳ ۾ “ساهه” وجھي جاڳايو، ان کانسواءِ جيئڻ بي معنيٰ پيو محسوس ٿئي. جيڪي قلات ڏانهن ڪهي ويا. انهن جا آسڻ ڏسي آرام نٿو اچي. سندن ڪينر سان ڪُسي، تمام ٿي، حياتي ماتام ٿي وئي آهي.
اهي ڪَنَ ڪَٽ، ڪاپٽ، ڪاپڙي، ڪنوٽيا ڪَنَ ڪَٽ، جن هَٽ مٿي هلي، دونهان دکائي، خاڪ کي پنهنجي کٽ بڻايو، جن جا چتَ ڪنهن سور کان چوُر لڳا پيا اهن، ۽ جن پنهنجي تن کي تسيا ڏيئي، سرير کي ساڙي ٻاري ڇڏيو آهي، تن فنا ٿيل فقيرن جا تڪيا پسڻ لاءِ من ڪيڏو نه ماندو ٿو ٿئي. پر ڏوهه ثواب کي هڪجهڙو ڏسندڙ ۽ سدائين اکين ۾ ارتي گاڏئون آب هاريندڙ انهن سامين جي کين ڪٿان به خبر نه ٿي پوي. پوءِ سندن ڪنن ۾ اهوئي نصيحت ڀريو نڪتو سڏ بڻجي پڙاڏجي ٿو وڃي ته؛
نسورو ئي نينهن جو، دل ۾ دونهون پاءِ،
آڻي آڳ عشق جي، ٻاري جءُ جلاءِ،
جندان تون جاڳاءِ، جنهن سين آتش آب ٿئي…
۽ پوءِ ناٿ کي نانهن ۾ ڏسڻ جو عهد ڪري ۽ جوڳين جي ذات کي ڏاڍي ذات ڀانئي، راتيا ڏينهان روح ۾ انهن ڪاپڙين جي تات قبول ڪرڻي پوي ٿي.
“ رامڪلي ” جو موڙ مڙي ٻيجل جا ٻول ٻڌڻ لاءِ “ سورٺ ” جي در تي اچجي ٿو ته سُرَ عيوض سِرَ جي سودي جو مثال روح ۾ ڪنبڻي پيدا ڪري ڇڏي ٿو.
تنهنجي تند تنوارَ، يارَ، مون منُ موهيو،
ملهي آئين مڱڻا، گَجي ۾ گرنار، يارَ، مون منُ موهيو….
ائين “ڪاپائتي”، “کنڀات”، “آسا”، “ پرڀاتي ”، “ پورب ”، “ بلاول ”، “بروو سنڌي ”، “گھاتو ” ۽ “ ڪاموڏ ” جي نوريءَ جي نازن ۽ اندازن، ڪينجھر جي هندورو بڻجڻ کانوٺي “ سارنگ ” کي ساريندڙ ماڻهن، مرگھن، مينهنِ ۽ تاڙن جي تنوارن تائين “ راڳ رسالي ” جي روپ ۾ ڀٽائيءَ پنهنجي من اندر جو سفر ڪيڏو نه شاندار، ڪيڏو نه لازوال تخليق ڪيو آهي. ڀتي مڪڙيءَ کي مَکُ ڏئي، سڙهه جا پراڻا پاند تبديل ڪرڻ واري هن دنيا جي عظيم شاعر جي مونکي سمجھه ۾ نٿو اچي ته ڪهڙي سُرَ، ڪهڙي سِٽَ تي بيهان. ليلا جي مڻيي لاءِ وَرُ وڃائڻ جي “ ڏاهپ ” ڏي ڏسان يا “ڏهر ” ۾ ڪنڊيءَ جي وڻ سان ڪيل رهاڻين ڏي. “ ڪلياڻ ” جي ڪُڻڪندڙ ڪانارين تي ڌيان ڌريان يا “رِپَ ” جي نهائينءَ واري نازڪ نينهن ڏي. جنهن ۾ نيڻ ننڊون نٿا ڪن ۽ آرسُ ڀڃي، اُجھامندي ٻرندي پنهنجي سُپرين کي ساريندا رهن ٿا.
اهڙي طرح ڪک پن کي ڪردار بڻائي، ان ۾ ساههُ ۽ احساس سمائي اسانجي لاکيڻي لطيف جيڪو شعور ۽ لا شعور جو پنڌ ڪيو آهي، مان ان پيرو نٿو کڻي سگھان. منهنجو هٿُ ۽ قلم ايترو طاقتور نه آهي، جو هن جي پيرن تي کارا رکي، انهن جي ڊيگھه ۽ ويڪر کي ماپي سگھي. هن جي تجنيس حرفي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي نرالين نرالين ترڪيبن جي بحر بيڪران کي مون جهڙا اڻ تارو ڪهڙو پرکيندا؟ ڪهڙو پرجھيندا؟ ان جو اندازو ٻين کي هجي نه هجي، پر مونکي آهي ۽ مان ڄاڻان ٿو ته؛
ڪايو ڪمايومِ، موتي مون نه وڻجيا،
سيهي جو سيد چوي، وکرُ وهايومِ،
ههڙو حال سندومِ، توههَ تنهنجي اُبهان.
آگسٽ 11, 2025