سانگھڙ ويجهو پرائمري اسڪول ۾ 6 مهينن کان استاد جي مقرري نه، تعليم متاثر

Spread the love

سانگھڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگھڙ ويجهو گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ 6 مهينن کان استاد مقرر نه ٿي سگهيو، شاگرد تعليم جهڙي زيور کان محروم، يونين ڪائونسل ڍورو جانب ۾ قائم گورنمنٽ پرائمري اسڪول حاجي بچل لغاري سيمس ڪوڊ 407030520 گذريل ڇھن مھينن کان استاد مقرر نہ ٿيڻ سبب بند آھي، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ھڪ استاد ھو جيڪو ريٽائرڊ ٿي ويو،

جنھن کي ڇھ مهينا گذري چڪا آهن پر اڄ تائين استاد مقرر نه ٿي سگھيو، جنهن سبب اسان جا ٻار علم جي روشني کان محروم آهن. اسان غريب ماڻهو آھيون جنھن ڪري پرائيوٽ اسڪولن ۾ ٻار نه ٿا پڙھائي سگھون. اسان جي معصوم ٻارڙن توڙي نياڻين جي تعليم تباھ ٿي رھي آھي پر تعليم کاتي کي ڪو فڪر ناھي، ڳوٺاڻن حاجي بچل لغاري، دادن لغاري، الياس لغاري، رانجھن لغاري محرم لغاري،

عثمان لغاري ۽ ٻين وزير تعليم سنڌ، سيڪريٽري تعليم، ڊي اي او پرائمري کان پرزور مطالبو ڪيو آهي تہ اسڪول ۾ جلد کان جلد نئون استاد مقرر ڪري ٻارڙن جي تعليم بچائي وڃي.

آگسٽ 11, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو