حيدر علي تي الزام هڻندڙ ڇوڪري ڪير آهي ۽ معاملو ڪٿي پهتو؟ وڏي خبر اچي وئي

مانچسٽر (ويب ديڪس) ۾ موجود حيدر علي جي هڪ ويجهي ۽ اعتماد جوڳي ذريعي ان معاملي جا تفصيل ڏنا آهن.
سندس موجب جنهن ڇوڪريءَ حيدر علي تي الزام هنيو آهي، ان شايد اهو سڀ ڪجهه اڳ کان ڪيل منصوبابندي تحت ڪيو.
ان ڇوڪري انسٽاگرام تي حيدر علي کي ڪيترائي پيغام موڪليا هئا ۽ کيس چيو هو ته توهان انگلينڊ اچو ته مون سان ضرور ملو پر ڪرڪيٽر ڪڏهن ڪو جواب نه ڏنو.
جڏهن کيس خبر پئي ته حيدر پاڪستان شاهينز جي ٽيم سان گڏ انگلينڊ جي دوري تي آيو آهي ته هن پاڻ ان سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي پر حيدر ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوءِ اوچتو دوري جي آخري ميچ جي ڏينهن ان ڇوڪري گريٽر مانچسٽر پوليس ۾ شڪايت داخل ڪرائي.
حيدر علي ڪينٽ ڪائونٽي گرائونڊ ۾ رانديگرن سان گڏ پريڪٽس ڪري رهيو هو ته اوچتو پوليس جون ٽي گاڏيون آيون، پوليس گرائونڊ تي حيدر علي سان ڪجهه منٽ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ پوءِ کيس پاڻ سان گڏ وٺي وئي، جيڪي رانديگر حيدر علي سان گڏ پريڪٽس ڪري رهيا هئا، انهن کي معاملي جي خبر نه هئي.
ان ئي ڏينهن ان واقعي جو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي اطلاع ڏنو ويو پر پي سي بي ٽن ڏينهن کانپوءِ حيدر جي ضمانت ٿيڻ بعد ان حوالي سان باقاعدي اعلان ڪيو.
في الحال حيدر مانچسٽر ۾ ئي موجود آهي ۽ سندس پاسپورٽ پوليس وٽ آهي، اها ڇوڪري پاڪستان ڄائي آهي پر برطانيا جي نيشنلٽي رکي ٿي ۽ اتي ئي رهندي آهي، ان حيدر علي تي زيادتي جو الزام هنيو آهي.
يو ڪي ۾ عورتن جي شڪايت تي سخت ڪارروائي ٿيندي آهي ۽ جيستائين الزام ثابت نه ٿئي جوابدار سان سختي ڪئي ويندي آهي، حيدر علي خلاف اڃا تائين ڪو حتمي فيصلو يا ڪارروائي ان ڪري ناهي ڪئي وئي ڇو ته ڪو پڪو ثبوت سامهون ناهي آيو.
حيدر جي ويجهن ذريعن پاڪستاني عوام کي درخواست ڪئي آهي ته اهي ڪرڪيٽر جو ساٿ ڏين، ڇو ته هو مڪمل طور تي بي ڏوهه آهي ۽ کيس غلط ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.