باجوا کي واڌ ڏيڻ وڏي غلطي هئي، قوم کان معافي ٿا گهرون: اسد قيصر

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد قيصر اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا کي واڌ ڏيڻ تي قوم کان معافي گهري ورتي.
اسلام آباد ۾ اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر، محمود اچڪزئي ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير پريس ڪانفرنس ڪئي.
اسد قيصر چيو ته جنرل باجوا کي واڌ ڏيڻ اسان جي سڀ کان وڏي غلطي هئي، ان سنگين غلطي تي قوم کان معافي ٿا گهرون، اڳتي اهڙي قسم جي ڪنهن به فيصلي جو حصو نه بڻجنداسين.
محمد زبير چيو ته اپريل 2022 کانپوءِ هيل تائين ماڻهن جي خريد جي قوت ۾ 60 سيڪڙو گهٽتائي آئي، اها سنگين صورتحال آهي، ان تي ڪو حڪومتي نمائندو نٿو ڳالهائي، پاڪستان هيومن ڊيولپمينٽ انڊيڪس ۾ دنيا ۾ 168هين نمبر تي اچي ويو آهي، ٻه ڪروڙ ٻار اسڪول نه پيا وڃن، ملائيشيا، ڀارت ۽ بنگلاديش جو لٽريسي ريٽ اسان کان وڌيڪ آهي.

آگسٽ 11, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو