ڪوڙين ڪايائون تنهنجون لکن لک هزار، پريم تنهنجا پار ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان
ڪالهه 14 صفر کان سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ساليانو عرس مبارڪ شروع ٿي ويو آهي. جيتوڻيڪ اها صديون پراڻي سالياني رسم آهي جيڪا صدين کان ئي سنڌ جي سڀ کان وڏي ميلي طور پڻ ملهائي ويندي آهي پر پوءِ به هر سال اهو ميلو نئون ايونٽ ڀانئبو آهي جنهن ۾ هر سال شرڪت ڪرڻ کان پوءِ به ڀٽ شاهه تي حاضري ڀرڻ جي حسرت اڳ کان وڌيڪ شديد رهندي آهي. ميلي سان اها جذباتي وابستگي ۽ سحر انگيزي ظاهر آهي ته ڀٽائي صاحب سان ئي سلهاڙيل آهي.
ڀٽائي صاحب جي عظمت ۾ لکڻ ايئن آهي جيئن هڪ عورت حضرت يوسف جي خريدار طور گل کڻي اچي بيٺي هئي ته مون کي خبر آهي ته مان هن گل سان يوسف کي خريد نه ٿي ڪري سگهان پر پاڻ کي ان جي خريدارن جي قطار ۾ ته بيهاري سگهان ٿي نه. سو اسان جا هي ناچيز لفظ به ڀٽائي صاحب جي عظمت جي قائلن ۾ پاڻ کي شامل ڪن ٿا جنهن جي ڀٽائي صاحب کي ته ظاهر آهي ته ضرورت ناهي پر اسان کي ان جي ضرورت آهي ته ڀٽائي صاحب جي عظمت ۾ ٻه اکر لکي عقيدت مندن ۾ پاڻ ڳڻائڻ جي هڪ حسرت ڪري سگهون باقي سائينءَ جي شخصيت ته سندس ئي هن شعر مثل آهي ته:
ڪوڙين ڪايائون تنهنجون لکن لک هزار،
پريم تنهنجا پار ڪهڙا چئي ڪهڙان چوان.
ڀٽائي صاحب ته پنهنجي وجود ۾ سنڌ جو فڪري ۽ نظرياتي وجود آهي. سنڌ کي جيڪڏهن ڪا زبان ڏبي ته اها ڀٽائي صاحب جي ئي زبان هوندي. سنڌي قوم وٽ ڀٽائي صاحب جو اهو ئي مقام آهي جيڪو وٽس سنڌ جو آهي. سنڌ جو جيڪڏهن ڪو ٻيو نالو رکجي ته اهو ڀٽائي ئي هوندو.
پريم تنهنجا پار ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان… ڀٽائي صاحب جي شاعري ته عظمت جو پاڻ معيار بڻيل آهي پر سنڌي قوم سندن شاعري جي عظمت آڏو برسجود ٿي هر دور ۾ اهو اعتراف ڪندي رهي آهي ته جيڪڏهن ڀٽائي صاحب سنڌي ٻوليءَ ۾ شاعري نه ڪري ها ته شايد سنڌي ٻولي جو وجود ئي نه رهي ها. ۽ جيڪڏهن سنڌي ٻولي نه هجي ها ته سنڌي قومي وجود به هيل تائين ميسارجي چڪو هجي ها. ان لحاظ کان ڀٽائي صاحب سنڌي قوم جو محسن به آهي. سو پريم تنهنجا پار ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان… ڀٽائي صاحب جن سنڌ جا عظيم شاعر ئي ناهن پر اهي سنڌي قوم جا عظيم فڪري اڳواڻ به آهن. انور پيرزادي هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته شاهه ڀٽائي جي فڪر جي موجودگي ۾ سنڌ کي دنيا جي ڪنهن ٻئي فڪر ۽ نظريي جي ضرورت ناهي. بيشڪ سندن شاعري سنڌي قوم جي هر سياسي، سماجي، ادبي، تاريخي، قومي، ثقافتي ۽ ذاتي مسئلن ۾ هر پل رهنمائي مُهيا ڪري ٿي، يعني ڀٽائي صاحب فڪري رهنما طور پنهنجي شاعري ذريعي اڄ به زنده آهن ۽ سڀ کان گهڻا متحرڪ به آهن.
سو پريم تنهنجا پار ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان، ڏسجي ته اسان سنڌي ماڻهو ڀٽائي صاحب کانسواءِ اڻ پورا ئي آهيون، اسان جڏهن ڪا ڳالهه ڪندا آهيون، ڪا تقرير ڪندا آهيون، ڪو مقالو لکندا آهيون ته اهو تيستائين مڪمل ناهي ٿيندو جيستائين ڀٽائي صاحب جو آخر ۾ شعر نه پڙهنداسين يا نه لکنداسين. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اسان ڪيترو به ڳالهايون ڪيترو به لکون پر پوءِ به سمجهنداسين ته شايد اسان مڪمل طور تي پنهنجو اظهار نه ڪري سگهيا آهيون ان ڪري پنهنجي ڳالهه کي ڀٽائي جي شعر سان مڪمل ڪري پوءِ ئي مطمئن ٿيندا آهيون ته يقينن سمجهڻ وارا هاڻي ڳالهه سمجهي ويا هوندا.
سو پريم تنهنجا پار ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان … اسان ڏسندا آهيون ته سياسي، سماجي ۽ ادبي پروگرامن ۾ ماڻهن کي گڏ ڪرڻ ڪيڏو نه مسئلو هوندو آهي، ان لاءِ ڪيڏي نه جاکوڙ ڪرڻي پوندي آهي، ايلاز منٿون ڪبيون آهن. سياسي جلسن لاءِ ته اهو عام تاثر هوندو آهي ته ، بسون موڪلي ڀرائي عوام کي پيسا ڏئي جلسن ۾ آندو ويندو آهي پر اوهان ڏسو ته ڀٽائي صاحب جي هر سال ميلي تي ڪيئن نه ماڻهو پنهنجي خرچ تي ڪيئن به ڪري پاڻ پهچي وڃن ٿا ۽ ايئن عوامي سمونڊ هوندو آهي جيڪو ڀٽائي جي درگاهه ڏانهن عقيدت منجهان ڇوليون هڻندو اچي پهچندو آهي. ان محبت ۽ عقيدت کي ڪهڙو نالو ڏجي ڇا اها غير مشروط محبت ۽ عقيدت آهي ؟ نه بلڪل به نه. اصل ۾ اها ڀٽائي صاحب جي پنهنجي ئي پوکيل پوک آهي. پاڻ جيئن ته سنڌ جا ۽ سنڌي عوام محسن آهن تنهن ڪري سنڌي قوم جي ساڻن لازوال عقيدت ۽ محبت آهي.
سو پريم تنهنجا پار ڪهڙا چئي ڪهڙا چئجن… ڀٽائي صاحب اوهان دنيا جا پهريان شاعر آهيو جيڪي روحاني طور تي پنهنجي قوم جا رهبر بڻيل آهيو ۽ اوهان کي رڳو سنڌ جي ماضيءَ جو شاعر ۽ فڪري رهبر ئي نه پر حال ۽ مستقبل جو به عظيم شاعر ۽ مفڪر سمجهيو ويندو آهي. سو جيستائين شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو شعري ۽ فڪري ورثو سنڌ ۽ سنڌي قوم سان گڏ آهي تيستائين اها پڪ ڪيو ته سنڌ ۽ سنڌي قوم کي ڪنهن به قسم جو ڪو خطرو ناهي. ان شڪريه ادائي لاءِ سنڌي قوم اوهان جي درگاهه جي چائنٺ تي هر وقت، هر ڏينهن، هر هفتي، هر مهيني ۽ هر سال ايئن ئي سر بسجود رهندي آهي جيئن اوهان جي هن سال واري عرس مبارڪ تي سربسجود نظر اچي رهي آهي.
ايترو ڪجهه لکڻ باوجود ايئن ٿو لڳي ڄڻ ڪجهه ناهي لکيو ۽ گهڻو ڪجهه رهجي ويو آهي، ڀٽائي صاحب تي ته ڪيترائي ڪتاب به لکيل آهن پر پوءِ به تشنگي آهي جيڪا هر لکندڙ کي ضرور محسوس ٿيندي آهي سو ڀٽائي صاحب جي ئي هن شعر کي ورجائي هٿ مٿي ڪريون ٿا ته:
ڪوڙين ڪايائون تنهنجون لکن لک هزار،
پريم تنهنجا پار ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان.
آگسٽ 10, 2025