خبردار! هيءَ غلطي ڪڏهن نه ڪجو: نادرا جو اهم بيان جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نادرا هڪ ڀيرو ٻيهر عوام کي خبردار ڪندي چيو آهي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي ڪمينٽن ۾ ٽريڪنگ آءِ ڊي شيئر نه ڪيو.
نادرا عوام کي هدايت ڪئي آهي ته پنهنجي ذاتي ڄاڻ رڳو نادرا جي سرڪاري ”پاڪ آءِ ڊي“ موبائل ايپ تي فراهم ڪيو ۽ ڪنهن اڻ لاڳاپيل ويب سائيٽ يا ايپليڪيشن تي قطعي شيئر نه ڪيو.
نادرا موجب ان قدم جو مقصد عوام جي نجي ڄاڻ جو تحفظ يقيني بڻائڻ آهي، ڇو ته ڪجهه جعلي ويب سائيٽون ۽ موبائل ايپس نادرا جي نالي تي شهرين کان ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، جن کان هوشيار رهڻ ضروري آهي.
نادرا واضح ڪيو ته پاڪ آءِ ڊي ئي واحد محفوظ پليٽ فارم آهي، جنهن ذريعي ٻين اهم خدمتن سميت قومي سڃاڻپ ڪارڊ به حاصل ڪري سگهجي ٿو.