ايم ڊي ڪيٽ امتحان ڪڏهن ورتو ويندو، ڪيترا سوال ۽ فيس ڪيتري هوندي؟ اهم خبر اچي وئي

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايم ڊي ڪيٽ جو امتحان ڏيندڙ شاگردن لاءِ پيپر ۽ فيس جي حوالي سان اهم خبر اچي وئي، ٽيسٽ ۾ 180 ايم سي ڪيوز هوندا.
پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سي) ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج ايڊميشن ٽيسٽ (ايم ڊي ڪيٽ) 2025 جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو.
پي ايم ڊي سي جي پڌرائيءَ موجب امتحان 5 آڪٽوبر تي ٿيندو، جيڪو انگريزي ٻولي ۾ ڪاغذي شڪل ۾ ورتو ويندو، امتحان ۾ ڪُل 180 ايم سي ڪيو شامل هوندا، جڏهن ته ناڪاري مارڪون نه هونديون.
ترجمان فيس ۾ 80 سيڪڙو واڌ جي خبرن جي ترديد ڪندي چيو ته ٽيسٽ فيس ۾ رڳو هڪ هزار رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ مجموعي فيس 9 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
ترجمان ٻڌايو ته فيس ۾ اها معمولي واڌ امتحان جي عملي خرچن، سيڪيورٽي قدمن ۽ لاجسٽڪس کي نظر ۾ رکندي ڪئي وئي آهي.
رجسٽريشن جو عمل 8 آگسٽ کان شروع ٿي 25 آگسٽ تائين جاري رهندو، جڏهن ته ليٽ فيس سان گڏ درخواست جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ پهرين سيپٽمبر آهي.

آگسٽ 10, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو