ڪيڊٽ ڪاليج نواب شاهه ۾ سالانه لطيف ڪانفرنس ۽ ادبي سرگرمين جو شاندار انعقاد

نواب شاه ( رپورٽ:عبدالفتاح رند) لطيف ڪانفرنس ڪيڊٽ ڪاليج ۾ شاندار ادبي پروگرام ڪيڊٽ ڪاليج ۾ سالانه لطيف ڪانفرنس جو شاندار وروگرام منعقدرکيو ويو، جتي ڪيڊٽس پنهنجي ادبي صلاحيتن جو شاندار مظاهرو ڪيو. ڪانفرنس ۾ مختلف ادبي سرگرمين جو اهتمام ڪيو ويو، جن ۾ شاعري، بيت بازي ۽ وائي جو مقابلو شامل ھو.
مقابلي ۾ ڪيڊٽس پنهنجي تخليقيت ۽ فني مهارتن جو اعليٰ معيار پيش ڪيو، جنهن کي سامعين ۽ ججز طرفان وڏي داد ۽ تعريف حاصل ٿي. شاعري جي مقابلي ۾ ڪيڊٽس پنهنجي جذبات ۽ محبت جي اظهار سان شاعري پيش ڪئي، جڏهن ته بيت بازي ۾ پهريون نمبر حاصل ڪندڙ ڪيڊٽ هڪ منفرد انداز ۾ پنهنجي فڪري قوتن جو مظاهرو پڻ ڪيو. ان پروقار محفل کي سڄي ڪاليج جو ماحول رنگين ۽ ادبي بنايو.
ان پروگرام جو مقصد نوجوان ڪيڊٽس ۾ ادب، ثقافت ۽ تخليقيت جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ هو، جنهن ۾ ڪيڊٽس پنهنجي فني مهارتن ۽ ادبي ذوق کي نئي سطح تي پڌرو ڪيو.
آگسٽ 9, 2025