ڦلجي اسٽيشن ۾ گرلس هاءِ اسڪول جي اڻپوري عمارت خلاف احتجاجي مظاهرو

Spread the love

ڦلجي اسٽيشن (رپورٽ:غلام حيدر پنھور)ڦلجي اسٽيشن ۾ گرلس هاء اسڪول جي عمارت جو اٺن سالن کان  تعميراتي ڪم رولھڙي جو شڪار ٿيڻ خلاف جسقم ڪارڪنن جي سڏ تي مختلف سياسي ،سماجي ، قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن صحافين توڙي شهرين جو  ريلي ڪڍي ايوان صحافت پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ،  مظاهرين پاران ٺيڪيدار خلاف سخت نعريبازي ڪندي عمارت جو ڪم جلد مڪمل ڪرائن جو مطالبو ڪيو ويو ،

ان موقعي تي مظاهرين شاهنواز سومرو ، وقاص آرائين ، لالا ظھير سومرو ، نظير چانڊيو ، ٽائيگر عمر سولنگي ، لالا ڪاشف ڪلهوڙو ، سيد عامر شاھ ۽ ٻين چيو ته ڪيئي ورهيه  گذرڻ باوجود نياڻين جي اسڪول جي عمارت جو ڪم هٿ وٺي پورو نه ٿو ڪيو وڃي ، اسڪول عمارت نه هجڻ سبب والدين ۽شاگردياڻيون تڪليفن کي منهن ڏين ٿا خاص طور تي نياڻين جا والدين تمام گهڻو پريشان ٿين ٿا الاهي نياڻين جي والدين کين اسڪول وڃڻ کان ئي منع ڪري ڇڏيو آھي جنهن سبب نياڻين جي سخت متاثر ٿي رهي آھي ،

هنن وڌيڪ چيو ته ٺيڪيدار محمد باقر آلکاڻي اسڪول جي عمارت ڊاهي پٽ ڪرڻ کان پوء اسڪول عمارت جو  ڪم اڌ ۾ ڇڏي الائي ڪاڏي گم ٿي ويو آهي ، اسانجون نياڻيون عمارت نه هئڻ ڪري هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ ڇوڪرن گڏ سان تعليم پرائڻ تي مجبور آهن ، عمارت جو ڪم رولڙي جو شڪار ٿيڻ تي ڪيترا ئي ڀيرا احتجاج ڪيا آھن پر ڪنهن جي به ڪن تي جونء نه ٿي چري ، اسڪول جو ڪم اڌ ڇڏڻ جي شڪايت چونڊيل نمائندن سميت تعليم کاتي جي اعلا اختيارين کي زباني توڙي لکت ۾ ڪيون آھن پر ڪير ٻڌڻ لاء تيار ناهي ،

مظاهرين مطالبو ڪندي اعلا اختيارين کان گهر ڪئي ته ٺيڪدار باقر آلڱاڻي سميت سندن پٺڀرائي ڪندڙ عملدارن خلاف ڪاروائي ڪري ، گرلس هاء اسڪول جي عمارت جو ڪم هنگامي بنيادن ڪرائي ڏنو وڃي ،

آگسٽ 9, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو