ڀارتي ايئر چيف بوکلائجي ويو، پاڪستان جي 5 جنگي جهازن سميت 6 جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

Spread the love

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي هوائي فوج ٽن مهينن کانپوءِ پاڪستان جي 5 جنگي جهازن سميت 6 جهاز تباهه ڪرڻ جو دعويٰ ڪري ڇڏي.
پاڪ ايئرفورس جي شاهينن هٿان 6 جهاز وڃائڻ کانپوءِ ڀارتي ايئر چيف مارشل اي پي سنگهه هواس وڃائي ويٺو.
هڪ بيان ۾ هن ڀارت لاءِ سڄي دنيا ۾ خواري جو سبب بڻجندڙ 4 ڏينهن واري جنگ ۾ پاڪستان جي 5 جنگي جهازن سميت 6 جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
ڀارتي ايئر چيف دعويٰ ڪئي ته ڀارتي ايئر فورس پاڪستان جي ايئر فيلڊز کي نشانو بڻائي اتي بيٺل جهازن کي تباهه ڪري ڇڏيو.
بنا ڪنهن ثبوت جي اهڙي دعويٰ ڪري ڀارتي ائير چيف پنهنجي فضائي فوج جي پيشه وراڻي صلاحيت تي وڌيڪ سوال اٿاري ڇڏيا آهن.
ٻئي پاسي پاڪستان 7 مئي جي فضائي جنگ کان ستت ئي رافيل سميت ڀارتي جنگي جهاز تباهه ڪرڻ جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا هئا، جن جي ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن مان به تصديق ٿي هئي.
ان کان سواءِ، پاڪ ايئر فورس ڀارتي جهازن جي ڪميونيڪيشن هيڪ ڪري ڪاڪ پٽ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه به ٻڌائي هئي.

آگسٽ 9, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو