ٽنڊو آدم ۾ مراد خاتون ميٽرنٽي اسپتال 14 آگسٽ کان خدمتون شروع ڪندي

سانگھڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگهڙ ويجهو مراد خاتون ميٽرنٽي اسپتال ٽنڊو آدم ھڪ نئون قائم ڪيل طبي مرڪز آھي جيڪو 14 آگسٽ 2025 کان باقاعدي طور تي پنھنجون خدمتون شروع ڪندو، ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعليٰ سانگهڙ غلام شبير ميمڻ اسپتال جو دورو ڪري موجود طبي سهولتن ۽ انفراسٽرڪچر جو تفصيلي جائزو ورتو، ھن ھڪ جديد ۽ مڪمل سهولتن سان ليس ميٽرنٽي يونٽ قائم ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيو،
جيڪو مقامي آبادي جي صحت جي ضرورتن کي پورو ڪندو، ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعليٰ خاص طور تي ڊاڪٽر فاروق، ايڊشنل ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر سانگهڙ ۽ ڊاڪٽر فضل محمود شاهه، ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ تعلقه اسپتال ٽنڊو آدم کي ھن مرڪز کي فعال بڻائڻ ۾ سندن محنت ۽ خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو، ان کان علاوه، ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعليٰ سانگهڙ غلام شبير ميمڻ ۽ رجسٽرار محتسب اعليٰ سانگهڙ غلام مرتضيٰ ميمڻ اسپتال جي ميٽرنٽي هوم ۽ ٻارن جي وارڊ سميت سڀني موجود سهولتن جو معائنو ڪيو۔
ھنن عورتن ۽ ٻارن جي صحت جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪيل انتظامن ۽ انفراسٽرڪچر تي اطمينان جو اظهار ڪيو،
آگسٽ 9, 2025