ٻنيءَ ۾ گهڙڻ تي ظالمن بي زبان جانور جون ڄنگهون ڀڃي ڇڏيون

ٽوبا ٽيڪ سنگهه (ويب ڊيسڪ) ٽوبا ٽيڪ سنگهه ۾ مخالفن ٻنيءَ ۾ گهڙڻ تي مينهن جون ڄنهگون ڀڃي ڇڏيون.
پوليس موجب واقعو موضع نڪيري بشير دوآنا ۾ پيش آيو، جتي مينهن مخالفن جي ٻنيءَ ۾ هلي وئي، جنهن تي جوابدارن ان کي تشدد جو نشانو بڻائيندي بي زبان جانور جون ڄنگهون ڀڃي ڇڏيون.
پوليس ٻڌايو ته ڪيس داخل ڪري ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ويو آهن، جن کا پڇا ڳاڇا جاري آهي.