مڪلي ۾ ڊبو راند دوران جهيڙي ۾ فائرنگ، نوجوان قتل، تعزيتن جو سلسلو جاري

ٺٽو:( نظير احمد قريشي) مڪلي ورڪشاپ واري علائقي ۾ ڊبو راند دوران جهيڙو، فائرنگ ۾ قتل ٿيل نوجوان جي تعزيت جو سلسلو جاري ايوانِ صحافت ٺٽو پاران تعزيت، ٺٽي ضلعي جي مڪلي ورڪشاپ واري علائقي ۾ ڊبو راند کيڏندي خشڪ برادري جي ٻن ڌرين جي نوجوانن ۾ لفظي تڪرار بعد ٿيل جهيڙو ۾ دوران فائرنگ ٿي، نتيجي ۾ اياز خشڪ مارجي ويو.
مقتول اياز خشڪ، ايس يو پي ٺٽو ضلعي جي صدر عمران خشڪ جو ڀاءُ هو، جيڪو مڪلي ورڪشاپ واري علائقي ۾ هڪ دڪان تي ويٺو هو. تڪرار دوران گوليون لڳڻ سبب هو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو. مقتول جو تڏو سندس مڪلي واري گھر ۾ وڇايو ويو آهي، جتي ايوانِ صحافت ٺٽو، سياسي، سماجي ۽ قومي ڌرين طرفان سندس وارثن سان تعزيتن جو سلسلو جاري آهي. علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آهي.
پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ 2 ماڻهو گرفتار ٿيا آھن ،
آگسٽ 9, 2025