مٺي ۾ هندو برادري طرفان رکڙي ٻڌڻ جو تهوار عقيدت سان ملهايو ويو

Spread the love

مٺي (ڊ-ر) سموري ملڪ جيان مٺي ۾ به رکڙي ٻڌڻ جو هندو برادري پاران مذھبي تهوار ڀرپور عقيدي ۽ مذهبي رسمن سان ملهايو ويو. رکڙي بڌڻ جي موقعي تي ڀيڻون پنهنجي ڀائرن کي رکڙي ٻڌي انهن جي وڏي ڄمار لاء دعائون گهريون پيون وڃن

۽ ڀائر پنهنجي ڀيڻن جي عزت ۽ حفاظت لاء عهد ڪندي مٺايون ۽ خرچيون ڏنيون پيون وڃن. رکڙي ٻنڌڻ جو تهوار ڀاء ڀيڻ جي رشتي کي وڌيڪ مضبوط ۽ پختي عزم جو عهد ورجائڻ جي ڏڻ طور مڃيو وڃي ٿو.

آگسٽ 9, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو