سڪرنڊ ۾ يوم پاڪستان ۽ معرڪو پاڪستان جي موقعي تي شاندار ريلي

Spread the love

سڪرنڊ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ ) يوم پاڪستان ۽ معرقه پاڪستان  جي موقعي تي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول سڪرنڊ ۾ هڪ شاندار ريلي منعقد ڪئي وئي. ريلي جي اڳواڻي هيڊ ماسٽر محمد ارشد آرائين ڪئي، جڏهن ته جونيئر هيڊ ماسٽر محمد اقبال چانڊيو، گسٽا تعلقي جي جنرل سيڪريٽري لقمان ڪيريو، ايف اي ياسين پنهور، زمان سومرو، عبدالقدوس سولنگي، ظفر راجپوت، حيدر خانزاده، قمرالدين جمالي، ابراهيم سولنگي، شڪيل خانزاده، گنشام داس، ممتاز مشوري، راجيش ڪمار، مولوي عبدالرحمان شيخ، ڪانتيش ڪمار، ڊپٽي هيڊ ماسٽر بچل انڙ، امان الله جلباني، طارق چاچڙ، عبدالصمد شيخ ۽ ٻيا موجود هئا.

ريلي گورنمينٽ هاءِ اسڪول کان شروع ٿي قاضي سرفراز چوڪ تي پهتي جتي شاگردن قومي گيت ڳايا ۽ “پاڪستان زنده آباد” جا نعرا لڳا. سينئر هيڊماستر محمد ارشد آرائين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان جو ڏينهن صرف هڪ تاريخ نه پر اسان جي آزادي، خودمختياري ۽ نظرياتي سرحدن جي هر قيمت تي حفاظت ڪرڻ جي عزم جي ياد ڏياريندڙ آهي. جونيئر هيڊماستر محمد اقبال چانڊيو چيو ته سچ جي جدوجهد اسان کي پيغام ڏئي ٿي ته ڪوڙ جي خلاف ثابت قدم رهڻ ڪاميابي جي ضمانت آهي.

گسٽا تعلقي جي جنرل سيڪريٽري لقمان ڪيريو چيو ته تعليمي ادارا نئين نسل ۾ حب الوطني ۽ قرباني جو جذبو پيدا ڪرڻ جو سڀ کان مؤثر ذريعو آهن.  زمان سومرو چيو ته شاگردن کي پنهنجي تعليم سان گڏ تاريخ ۽ قومي سڃاڻپ کان مڪمل طور تي واقف هجڻ گهرجي. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙ استادن ۽ شاگردن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ دفاع لاءِ هر ممڪن قرباني ڏني ويندي.

آگسٽ 9, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو