سڪرنڊ ۾ عوامي اوڏ اتحاد جو اجلاس، برادري جي حقن لاءِ جدوجهد تي زور

سڪرنڊ (رپورٽ: راجڪمار اوڏ) عوامي اوڏ اتحاد سڪرنڊ جو اھم اجلاس مرڪزي صدر فقير شيرل اوڏ جي اڳواڻي ۾ اوڏ ھائوس سڪرنڊ تي ٿي گذريو جنھن ۾ اوڏ برادري جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻن شيرل اوڏ، امتياز اوڏ، ڪيلا رام اوڏ، راڻو اوڏ، سڪندر اوڏ، جمن اوڏ، سياڻو اوڏ، نديم اوڏ ۽ بالم راءِ اوڏ خطاب ڪندي چيو تہ اسان جي قوم موھن جي دڙي کان بہ آڳاٽي قوم آھي اسان جي قوم جا آثار موھن جي دڙي مان بہ ملن ٿا ان مان ظاهر ٿئي ٿو تہ اسان جي قوم پنج ھزار سال کان اڳ بہ ھئي.
اڳواڻن چيو تہ اسان جي قوم جا ماڻھون سچا، ايماندار ۽ محنتي آھن جيڪي ڏينھن رات محنت ڪري حق حلال جي ڪمائي مان پنھنجو ۽ پنھنجي ٻچن جو پيٽ پالين ٿا. ھنن چيو اسان جي قوم لاڏائو آھي اسان جي قوم جو پورھيو مٽيءَ جا ڪوٽ اڏڻ آھي جنھن سبب برادريءَ جا ماڻھن ھڪ جڳھہ کان ٻي جڳھہ تائين ڪم جي تلاش ۾ نڪري وڃن ٿا ۽ انھيءَ ڪري اسان جي اوڏ برادريءَ پنھنجي ٻارن کي تعليم جھڙي زيور کان محروم رکيو اچي.
ھنن چيو وقت سان ھاڻي اسان جي قوم ۾ شعور اچي رھيو آھي ۽ اسان جي قوم جا ڪجھہ سلجھيل ماڻھو پنھنجن ٻارن کي اعلي تعليم پڻ ڏياري رھيا آھن، پر اڃا قوم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ قوم ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻي پوندي تہ جيئن اسان ۾ تعليمي شعور پيدا ٿئي، اڳواڻن چيو تہ اسان چاهيون ٿا تہ اسان جي قوم جو نوجوان پڙھيل لکيل ھجي ۽ پنھنجي پٺ تي پيل قوم کي اڳتي کڻي اچي.
عوامي اوڏ اتحاد جي اڳواڻن چيو تہ اسان جي برادري جي لاءِ ڪو بہ قبرستان موجود ناھي آئي ڏينھن اسان جي جنازن جي بي حرمتي ڪئي ويندي آهي انھن کي دفنائڻ ناھي ڏنو ويندو. اسين چاهيون ٿا تہ اسان کي ھر شھر ۾ قبرستان ڏنا وڃن تہ جيئن اسين پنھنجي پيارن جي جنازن کي دفنائي سگھون. ھنن چيو تہ اسان جي اوڏ برادريءَ کي هميشہ نظر انداز ڪريو ويو آھي اسان جي ماڻھن کي تعليم، صحت ۽ 5 پرسنٽ ڪوٽا کان پڻ محروم رکيو ويو آهي. اسين حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون تہ اسان جي برادريءَ کي پنھنجا حق ڏنا وڃن ۽ اوڏ برادريءَ مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.
ان موقعي تي سرھاڙي جي نوجوان ڊاڪٽر جاني اوڏ پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو جنھن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ جو تحفو پيش ڪري پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار ڪيو ويو. جاني اوڏ چيو تہ مون کي خوشي ٿي تہ اوڏ برادريءَ جا نوجوان پنھنجي برادريءَ کي گڏ ڪرڻ لاءِ پاڻ ملھائي رھيا آھن آئون پوري ڪوشش ڪندس تہ سرھاڙي ۾ پنھنجي اوڏ برادريءَ جي نوجوانن کي گڏ ڪري عوامي اوڏ اتحاد ۾ شموليت ڪرايان. ان موقعي تي ڪارو مل اوڏ، بشير اوڏ، سري چند اوڏ، شاھد اوڏ، وڪرم اوڏ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
آگسٽ 9, 2025