سکر ۾ ميئر ارسلان اسلام شيخ جي صدارت هيٺ آزادي ۽ “معرڪه حق” جي تقريبن لاءِ تيارين جو جائزو

Spread the love

سکر(رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) ترجمان سنڌ حڪومت ۽ ميونسپل ڪارپوريشن سکر جي ميئر بيئرسٽر ارسلان اسلام شيخ جي صدارت هيٺ ميئر هائوس ۾ “ميٽ اينڊ گريٽ ويڊ پريس” جو خاص اھتمام ڪيو ويو جنهن ۾ ميڊيا جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شهر جي ايندڙ تقريبن خاص طور تي پاڪستان جي آزادي واري ڏينهن ۽ “معرڪه حق” جي موقعي تي ڪيل انتظامن ۽ تياريون بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.

ميئر سکر ٻڌايو ته ” معرڪه حق” هن سال هندستان سان تازي سرحدي محاذ تي ٿيندڙ بهادري ۽ وطن جي دفاعي ڪامياب جدوجهد جي ياد ۾ ملهايو پيو وڃي، ته جيئن شهيدن ۽ غازين جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪري سگهجي ۽ عوام کي پنهنجي تازين قومي ڪاميابين کان آگاهه ڪري سگهجي. هن وڌيڪ تفصيل ڏيندي چيو ته سڀاڻي آچر 10 آگسٽ تي سکر جناح ميونسپل اسٽيڊيم ۾ هڪ شاندار ميگا ڪنسرٽ منعقد ڪيو پيو وڃي،

جنهن ۾ ملڪ جا نامور فنڪار پنهنجون پرفارمنس پيش ڪندا. تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سميت ڪابينا جي ميمبرن جي شرڪت متوقع آهي، هن ڪنسرٽ جو مقصد نوجوانن ۾ حب الوطني جي جذبي کي اجاگر ڪرڻ ۽ جشن آزادي جي خوشين کي عوامي سطح تي شيئر ڪرڻ آهي. اها تقريب عوامي آهي ۽ سيڪيورٽي سميت سمورا انتظام مڪمل ڪيا پيا وڃن.

هن چيو ته هن ڀيري سکر ۾ آزادي ۽ حق جي جدوجهد جي جشن کي مختلف حصن ۾ ترتيب ڏنو ويو آهي، 14 آگسٽ کان اڳ مختلف ڏينهن ۾ خاص پروگرام، جن ۾ ڪنسرٽ، ثقافتي تقريبون، قومي تقريرون، شاگردن جي پروگرام، ڪميونٽي سرگرميون، ۽ انساني پرچم جي شاندار ٺهڻ شامل آهن. 14 آگسٽ تي مرڪزي تقريب، جنهن ۾ آزادي واري ڏينهن سان حق جي جدوجهد کي شاندار انداز ۾ ملهايو ويندو.

آگسٽ 9, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو