دادو ۾ فقير عورت تي تشدد ۽ تذليل جو واقعو، وڊيو وائرل، شهري برهم

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي) دادو جي نيو ليڊيز پاارڪ تي انسانيت کي لڄائيندڙ ۽ دل ڌوڏيندڙ واقعو پيش وڊيو وائرل، نوجوان مبينا طور تي پينو فقير عورت تي چوري جو الزام لڳائي پنهنجي عدالت لڳائي ڇڏي.  دادو ۾ جي شھيدبينظير پارڪ. ڪچھري روڊ تي انسانيت کي لڄائيندڙ افسوس ناڪ ۽ دل ڏکائيندڙ واقعو پيش سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس جي رٽ تي سواليا نشان نوجوان مبينا طور تي پينو فقير عورت تي چوري جو الزام لڳائي پنهنجي عدالت لڳائي ڇڏي.

شھري بي حس ٿي تماشو ڏسندا رهيا ۽ 2 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس ڪاروائي نه ڪري سگهي نوجوان عورت کي سندس معصوم نياڻي جي آڏو بي رحميءَ سان تشدد ڪندو رهيو، جڏهن ته عورت رڙيون ڪندي پڪاريندي رهي ته هوءَ بيگناھ آهي ۽ ڪنهن به قسم جي چوري نه ڪئي آهي. هن دل ڏاريندڙ واقعي بعد شهر جي سياسي، سماجي ۽ شهري حلقن سيشن جج دادو ۽ ايس ايس پي دادو کان نوٽيس وٺڻ نوجوان کي عورت باگڙياڻي جي تذليل ڪرڻ جي سخت سزا ڏئي ۽ پينو فقير عورت سان انصاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي،

آگسٽ 9, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو