دادو ۾ سڪينه سلام الله جي شھادت تي معصوم ٻارڙن جو ماتمي جلوس

دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) دادو ۾ 13 صفر شھادت سائنڻ پاڪ معصومه سڪينه سلام الله جي شھادت جي سلسلي ۾ مرڪزي انجمن قلندري پاڪستان ضلع دادو پاران مرڪزي امام بارگاهه قلندري کان سيد غلام شبير شاھ، سيد مظھر حسين شاھ، زنوار تسليم دارا ميمڻ جي اڳواڻي ۾ معصوم ٻارڙن جو ماتمي جلوس ذوالجناح ۽ علم غازي عباس ۾ جي سائي ۾ برآمد ٿيو،
معصومن جو جلوس پنهنجي مخصوص روٽن کان ٿيندو سيد مصري شاهه ڪاظمي جي گھٽي پھتو ته سيد اسد رضا ڪاظمي پاران حويلي مصري شاهه تي معصوم ٻارڙن جي مجلس عزاء منقعد ڪري ننگر نياز ۽ سبيل حسيني تقسيم ڪئي وئي بعد ۾ جلوس امام بارگاهه قلندري تي نھر ٿيو، ان موقعي تي ايس ايس پي دادو ڪيپٽن ر امير سعود مگسي جي ھدايتن تي پوليس پاران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا،
آگسٽ 9, 2025