ترڪيءَ ۾ جينيفر لوپيز جي مشهور اسٽور ۾ داخلا تي بندش، معاملو ڇا آهي؟

Spread the love

استنبول (ويب ڊيسڪ)آمريڪي ڳائڻي جينيفر لوپيز کي ترڪي ۾ قائم هڪ مشهور اسٽور ۾ وڃڻ کان روڪڻ جو ڪارڻ سامهون اچي ويو .
پرڏيهي ميڊيا موجب، آمريڪي اداڪارا ۽ پاپ گلوڪارا جينيفر لوپيز هن وقت ”آل نائٽ: لائيو اِن 2025 ٽور“ ۾ رڌل آهي جنهن لاءِ هوءَ مختلف ملڪن جو دورو ڪري رهي آهي.
انهيءَ سلسلي ۾ گلوڪارا ترڪي جي شهر استنبول جو به دورو ڪيو، جتي پنج آگسٽ تي فيسٽيول ۾ سندس شو پڻ ٿيو جتي هن پرفارم پڻ ڪيو.
ميڊيا رپورٽن موجب، جينيفر لوپيز ترڪي جي دوري دوران مختلف برانڊز تان خريداري به ڪئي، پر کيس هڪ مشهور برانڊ ”چئنل“ جي اسٽور ۾ وڃڻ کان روڪيو ويو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسٽور ۾ ماڻهن جي پيهه ۽ جاءِ نه هئڻ سبب گارڊ گلوڪارا کي روڪيو، جنهن کانپوءِ جينيفر خاموشي سان تان هلي ويئي ۽ ٻين برانڊڊ اسٽورن تان خريداري ڪئي.
جڏهن برانڊ جي ملازمن کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو ته هنن پاپ اسٽار کي ٻيهر پنهنجي اسٽور تي اچڻ جي دعوت ڏيڻ لاءِ رابطو ڪيو، پر جينيفر لوپيز کين کتو جواب ڏيئي ڇڏيو.

آگسٽ 9, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو